بدين (رپورٽر) بدين ۾ نينگري کي اغوا ڪري زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ بدين جي وارڊ، 4 ڪچي آبادي ڪڍڻ روڊ جي رھواسڻ 11 سالا معصوم نياڻي شاھيلا ملاح پنھنجي ماءُ نجما ملاح، حسنا جمالي، سلمان لاشاري  معصوم ٻارڙن سان گڏ ايوان صحافت بدين آڏو احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪري الزام ھڻندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽي مھينا اڳ پاڙي ۾ رھندڙ بااثر رمضان سولنگي جاويد سولنگي،ستار سولنگي اسان جي نياڻي 11سالا شاھيلا کي گھر ۾ ھٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري نامعلوم ھنڌ تي کڻي ويا جتي ٽي مھينا ٻه مھينن تائين زبردستي زيادتي جو نشانو بنايو، زيادتي جو شڪار ٿيل نياڻي شاھيلا ملاح جي ماء نجما ملاح پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته منھنجي معصوم نياڻي شاھيلا جي آغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاء اسان بدين پوليس وٽ پھچي دانھن ڏني پر بدين پوليس بااثرن کان رشوت وٺي ڪيس داخل نه ڪيو ۽ اسان کي ماٺ رھڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اسان مجبور ٿي پاڙيوارن ۽ راڄ جي چگن مٺن کي دانھون ڏئي ٽن مھينن کان پوء پنھنجي نينگري کي بااثرن کان واپس ڪرايو، ھن چيو ظالمن منھنجي معصوم نابالغ نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو آھي مگر اسان غريبن جي ڪنھن به نه ٻڌي، ھنن وڌيڪ چيو ته بدين پوليس ھاڻي بااثرن جي چوڻ تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي نياڻي شاھيلا جي پئ قربان ملاح،نواز ملاح ۽ واحد بخش جمالي کي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيوآھي ۽ بااثر ماڻھون زبردستي اسان جي گھرن ۾گھڙي نياڻيون اغوا ڪرڻ چاھين ٿا ۽ بدين پوليس بااثرن سان ٻٽ ٻڌل آھي، ھنن عورتن آء جي سنڌ ڊي آئي جي حيدراباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته اسان مٿان  داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي جوابدار گرفتار ڪري زيادتي بنيل معصوم نياڻي شاھيلا سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان پاڻ ساڙينداسين،