عمران خان جنرل باجوه خلاف جڏهن ڳالهايو ته مون کي خراب لڳو: پرويز الاهي

0
318

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان جنرل باجوه خلاف جڏهن ڳالهايو ته مون کي خراب لڳو، جنرل باجوه اسان جو محسن آهي، احسان فراموشي نه ڪئي وڃي

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪيون، پرويز الاهي چيو ته جنرل باجوه حڪومت مان نڪرڻ بعد پي ٽي آءِ جي به مدد ڪئي

Pakistan: Imran Khan blames Army chief Bajwa for his ouster as PM in veiled reference | Pakistan News

هن چيو ته هاڻي جنرل باجوا جي خلاف ڳالهايو ويو ته سڀ کان پهرين مان مخالفت ڪندس ۽ منهنجي پارٽي مخالفت ڪندي

پرويز الاهي جو چوڻ هو ته رٽائرڊ جنرل فيض حميد اسان سان گهڻيون زيادتيون ڪيون ۽ جيل موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي

ٻئي پاسي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان چوي ٿو ته اليڪشن ڪرايو پر اليڪشن بليڪ ميلنگ سان نه ٿيندي آهي، عمران خان ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئياسان جو آرمي چيف لاءِ

دفاع واري وزير خواجا آصف سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي چيو ته نوازشريف تي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جو ڪيس ٺاهيو ويو، شهباز شريف جي بي گناهيءَ جي ثابتي برطانوي عدالت ڏئي ڇڏي آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته بلوچستان مان وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيون آهن، سڄو پاڪستان اليڪشن ڏانهن وڃي رهيو آهي

اسد عمر ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان پاران اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان کانپوءِ پي ڊي ايم جي صفن ۾ وڏي پريشاني پکڙيل آهياسد عمر

هن چيو ته بلوچستان ۾ اليڪشن جي تيارين جو جائزو وٺڻ آيو آهيان، بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي

هي به پڙهندا

عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري قدم کي ڪيئن منهن ڏيون؟: وزيراعظم هنگامي اجلاس سڏائي ورتو