عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
257
پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان
عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته چونڊن ذريعي چورن جي ٽولي کي شڪست ڏينداسين

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ وڃي چونداسين ته ڊراما ڇڏي سمورن ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪريو، حڪمران شڪست جي خوف ۾ چونڊون نه ڪرائيندا، پر اسان 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائينداسين، لاهور ۾ جلسي کي وڊيو لنڪ تي خطاب دوران عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار جنرل باجوه آهي، جنرل باجوه آرمي چيف هو ته فوج کي مضبوط ڏسڻ خاطر خاموش ويهي رهياسين

حڪومت کي هٽائڻ جو فيصلو اڪيلي جنرل باجوه رِجيم چينج کانپوءِ عوام اسان جو ساٿ ڏنو ته غلطي کي ٺيڪ ڪرڻ بدران اسان تي ظلم ڪيو ويو

جنرل باجوه عقلِ ڪُل ته نه آهي، مشرف جي دور ۾ به اهڙو ظلم نه ڏٺو، جيڪو جنرل باجوه اسان تي ڪرايو، سڄي قوم کي خبر آهي ته مشرف اين آر او وَن ۽ جنرل باجوه اين آر او ٽو ڏنو، توهان اين آر او ٽو نه ڏنو آهي ته عوام کي ٻڌايو، باقي سچ ڳالهائيندڙن تي ظلم ڇو ٿا ڪرايو

جنرل باجوه هڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته اسان جي ماڻهن خلاف ڪيسز ۽ وڊيوز ٺهيل آهن، مون تڏهن سوچيو ته ڇا ايجنسيز جو اهو ڪم آهي ته گنديون وڊيوز ۽ ڪوڙا فائيل ٺاهي، قوم پنهنجو پيٽ ڪَٽي ملڪي سيڪيورٽي خاطر ايجنسيز کي پاليندي آهي

هن کي به پڙهندا

اسيمبليون ٽوڙڻ بابت اعلان کان اڳ عمران خان جون وڏن وزيرن ۽ اتحادين سان گڏجاڻيون

عمران خان پنهنجي انا خاطر پنجاب ۽ ڪي پي جي عوام کي سزا ڏيڻ چاهي ٿو: مراد علي شاهه

عمران خان اڄ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪندو يا نئين تاريخ ڏيندو؟