سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو فصل جي ڀيل تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪٻئي تي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ  نڪر لاکو ۾ فصل جي ڀيل تان لاکا ۽ ڪيريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين هڪٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو 30 سالن جو اسلم لاکو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ميان بخش عرف بخشو لاکو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارث علي شير لاکو ٻڌايو ته سندن اڳ ۾ ڪا به دشمني نه آهي، هن چيو ته ستار ڪيريو ۽ يوسف ڪيريو اسان جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، ماڙي جلباڻي پوليس ڪارروائي ڪري 4 ڄڻن محمد يوسف ڪيريو، آفتاب ڪيريو، محمد يامين ڪيريو ۽ عبدالرئوف ڪيريو کي گرفتار ڪري ورتو  آهي، گرفتار ٿيلن ۾محمد يوسف ۽ آفتاب ڪيريو  زخمي آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ نوجوان مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.