سلطانپور (ن پ ا)سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي  جي حد ديھه جاڻيجي ۾ زمين جي مالڪي تان چاچي ڀائٽين ۾ زميني تڪرار راڄوڻي ڪوششن ۽ عدالتي حڪمن باوجود نبري نه سگھيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، مسئلو حل ٿيڻ تائين زمين ۾ فصل پوکڻ کان روڪڻ تي جوابدارن حملو ڪري ھڪ ڌر جي چئن ڀائرن سميت 8 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ باوجود پوليس دير سان پهتي، زخمي ڪافي دير تائين تڙپندا رھيا، ڳوٺاڻن ھمت ڪري زخمين کي تعلقي اسپتال پھچايو، هڪ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو. تفصيل موجب سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ديھه جاڻيجي ۾ زمين جي ورھاست تان ڪجهه سالن کان ڳوٺ سليمان ڪلھوڙو واسي چاچي ڀائٽين ايوب ڪلھوڙو ۽ ھزارخان ڪلھوڙو وچ ۾ ھلندڙ تڪرار ٻيھر ڪر کنيو. گذريل ڏينهن ڀائٽي ھزارخان پاران زمين جي ورھاست ٿيڻ تائين ھر ڪاھڻ کان روڪڻ تي تڪرار وڌي ويو. نتيجي ۾ ايوب ڪلھوڙي ۽ ٻين ڀائٽين مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون، ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڪراچيءَ کان موڪلن تي گھر پھتل ھزارخان ڪلھوڙو ۽ سندس 4 ڀائرن شبيراحمد، عبدالرزاق، بشير ڪلھوڙو، زاھد ۽ ايوب سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع باوجدو ڪينٽ ۽ سانگي پوليس بروقت نه پهتي، ان دوران زخمي واقعي واري ھنڌ تڙپندا رھيا، جن کي ڳوٺاڻن ھمت ڪري علاج لاءِ تعلقي اسپتال پـنوعاقل پھچايو، جتان ھڪ ڄڻي ھزارخان ڪلھوڙو کي نازڪ حالت ۾ سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. جڏھن ته ٽن ڄڻن جو علاج پنوعاقل تعلقي اسپتال ۾ جاري آھي.