سکر(بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملڪيتن جي ڪراين وارو معامري متعلق سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان ٻيھر ڪيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ڏانھن موڪلڻ کان پوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي سينيئر سول جج جاويد احمد ميراڻي، ايڊمنسٽريٽر سکر ميونسپل ڪارپوريشن علي رضا انصاري سان گڏجي سکر جي وڪٽوريا مارڪيٽ، مينارا مارڪيٽ، ريسڪورس روڊ، پراڻو سکر، مھراڻ مرڪز سميت ميونسپل سان لاڳاپيل ملڪيتن جا دورا ڪري تاجرن سان ملاقاتون ڪري مسئلا معلوم ڪيا. تاجرن طرفان سينيئر سول جج کي ٻڌايو ويو ته ميونسپل ڪارپوريشن کي ورھين کان ڪرايو ڏيندا پيا اچون، تازو عدالت جي حڪم تي به وڌايل ڪرايو ڏنو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن وقت تائين ميونسپل اختيارين گھربل سھولتون ناھن ڏنيون ۽ نه ئي وري قانون موجب مارڪيٽن، دوڪانن ۽ عمارتن جي ڪا مرمت ڪرائي آھي، ان دوران اِيڊمنسٽريٽر سکر علي رضا انصاري انھن مارڪيٽن جي عام دڪانن جي ڪراين ۽ ميونسپل ڪراين متعلق سينيئر سول جج کي آگاھ ڪيو.