سکر (بيورو رپورٽ)سکر نيوپنڊ ويجھو قريشي ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ قادر بخش بروھي جي رھواسيءَ 14 ورھين جي نينگر عامر شيخ مٿان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ نينگر زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آھي. ڄاڻايل نينگر سکر شھر مان پنھنجي دوست راجا چشتيءَ سان گڏ گھر وڃي رھيو ھو ته نيوپنڊ وٽ کيس گولي ھڻي زخمي ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب زخمي عامر شيخ جي حالت ڳڻتي کان ٻاھر آھي. ٻئي طرف نيوپنڊ پوليس جو چوڻ آھي ته جاچ ڪندي جوابدارن جو پتو لڳايو آھي.ھوڏانھن واقعي بابت نينگر جي وارث علي گوھر شيخ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، بيگناھ نينگر کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، اسان ابتدائي اطلاع پوليس کي ڏنو آھي.