سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ آل پارٽيز الائنس جو نمائش چوڪ تي احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، سکر جي چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي. تفصيل موجب سکر جي بنيادي مسئلن پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج نظام، روڊن رستن جون بھتر سھولتون نه ھجڻ خلاف آل پارٽيز الائينس طرفان نمائش چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن ۾ مختلف سياسي، سماجي ،مذھبي توڙي قومپرست جماعتن جي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي. اِن موقعي تي حافظ محبوب سھتو، مشرف محمود قادري، سيد حامد محمود فيضي، غلام نبي گھانگھرو، سلطان لاشاري، خورسيد ميراڻي، مفتي اعظم مھر، ماجد ڏنور، ڪاشف قاضي، انور ڪمال بلوچ، حسيب جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو ۽ سنڌوءَ ڪناري آباد شھر آھي پر افسوس ۽ ڳڻتي واري ڳالھه آھي ته چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جي نااھليءَ سبب لکين شھري پيئڻ جي صاف پاڻيءَ واري سھولت کان وانجھيل آھي، شھرين کي گندو، بدبوءِ دار پاڻي فراھم ٿي رھيو آھي. چند علائقن کي ڇڏي باقي شھر جا سمورا روڊ رستا، گھٽيون ۽ محلا تباھ حالي جي ور چڙھيل آھن، ڊرينيج نظام به مڪمل طور ناڪاره بڻيل آھي، گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيھڻ معمول بڻجي ويو آھي. پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج توڙي روڊن رستن جي بھتريءَ لاءِ اربين رپيا خرچ  ڏيکارڻ باوجود عملي طور زميني حقيقتن مطابق شھر کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو آھي. چونڊيل نمائندن سکر کي نڌڻڪو شھر بڻائي ڇڏيو آھي. هنن جو چوڻ هو ته صوبائي وزير ناصر حسين شاھ کي اهم وزارتون مليل هوندي به سندس پنھنجي تڪ جي صورتحال خراب آھي. سکڻيون دعوائون ته ڪيون ويون پر عملي طور ڪي به قدم نه کنيا آهن. ھنن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن توڙي پبلڪ ھيلٿ جي نااھليءَ سبب ڊرينيج توڙي پاڻي سپلاءِ وارو مسئلو برقرار آھي. ھنن ذميوارن کان مطالبو ڪيو ته سکر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينيج نظام ۽ روڊن رستن جي بھتري لاءِ جوڳا ۽ عملي قدم کڻي شھرين ۾ پيدا ٿيل بيچيني فوري طور ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ ذميوار کاتن جي آفيسن آڏو احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا.