ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) پي ٽي آءِ جي ايم پي اي سدره عمران چيو آهي ته سنڌ سرڪار عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي لاءِ في عورت  هڪ رپيو بجيٽ مختص ڪئي آهي، زڪوات جا پئسا به ڦٻائيندڙ حڪمرانن عورتن جي نالي تي قرض پروگرام کي ڪيترو شفاف بڻايو هوندو؟ اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جون عورتون بنيادي سهولتن کان محروم آهن، صوبائي بجيٽ پراڻي رکيل شيڊيول تحت ئي ٺهي ٿي، دارلامان، هيلپ لائينون، سوشل ويلفيئر کاتو، انساني حقن وارو کاتو ۽ عورتن جي ڪميشن سميت اڌ درجن ادارا هوندي  عورتن تي تشدد ۾ گهٽتائي ناهي آئي، عورتون اڄ به تڪليف ۾ آهن، زيادتين جا واقعا وڌندا پيا وڃن، اسيمبلي جي فلور تي جوڙيل ڪاڪس جو به فائدو ناهي، عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ شروع ڪيل قرض اسڪيم به وڏيرن جي اوطاقن تائين محدود آهي، متحده ايم پي اي منگلا شرما چيو ته سنڌ سرڪار عورتن جي مدد لاءِ ايترا ادارا ۽ هيلپ لائينون قائم ڪيون آهن جو متاثر عورتون پاڻ ٻڏ تر جو شڪار آهن ته آخر ڪهڙي اداري کي مدد لاءِ اپيل ڪن؟ عملي طور ڪو به ادارو ڪم نٿو ڪري، هن چيو ته سماجي تنظيمن ۽ سرڪاري ادارن جي قائم ڪيل سمورين الڳ الڳ هيلپ لائينز کي ختم ڪري هڪ ئي ڪا هيلپ لائين قائم ڪئي وڃي ته جيئن متاثر عورتون آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهن، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر حنا اي ڪاظمي چيو ته بجيٽ هڪ طئه ٿيل فارمولي تحت ئي ٺاهي ويندي آهي، انهي ۾ عورتن کي صنفي تفريق تحت نظر انداز ڪيو وڃي ٿو،  عورت اڳواڻ ملڪه خان چيو ته ٻوڏ هجي يا ڪا به آفت، سدائين عورتن واري کاتي جي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، شايد انهي کاتي کي غير ضروري سمجهيو وڃي ٿو، سيمينار کي حميده ڪليم، سائينا علي، ۽ ٻين عورت اڳواڻن به خطاب ڪيو، هنن  مطالبو ڪيو ته عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ بجيٽ ۾ واڌ ڪري، عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.