سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحدا فيڊريشن پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر خلاف سکر بئراج کان لب مهراڻ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي بئراج آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، مظاھرين ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس سکر جي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، اِن موقعي تي خادم حسين کوسو، عبدالنبي جاگيراڻي، مظهر اقبال قريشي، عبدالوهاب ڊومڪي ۽ ٻين الزام مڙھيندي چيو ته سکر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ رشوت جو بازار گرم ٿي ويو آهي، رٽائرڊ ۽ پگھار دار ملازمن کي بلاجواز تنگ ڪري رشوت ورتي پئي وڃي. ڪيترن ئي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري نه پئي ڪئي وڃي، رشوت نه ڏيندڙ ملازمن جون پگھارون بند ڪيون پيون وڃن. ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ربنواز ساوند پنهنجي آفيس ۾ کلي عام رشوت وٺي رهيو آهي. سندس زيادتين خلاف احتجاج ڪرڻ باوجود ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کي فوري طور تي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.