سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ گذريل هفتي کان بخار، زڪام ۽ کنگهه جي گورين جي کوٽ پيدا ٿي وئي. علائقي جي چند ميڊيڪل اسٽورن تي ملندڙ پئناڊال،  پيراسيٽامول ۽ ٻين عام استعمال وارين گورين جي قيمت ۾ اسٽور مالڪن 70 کان 150 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو. ويهين رپين وارو پتو ٽيهن کان چاليهن رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن تان گوريون اڻلڀ ٿي ويون. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ان قسم جون نقلي دوائون به وڏي پيماني تي مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن. هوڏانهن ان سلسلي ۾ ڊرگ انسپيڪٽرس يا صحت کاتي پاران ڪابه ڪارروائي سامهون نه آئي آهي. سکر، روهڙي، پنو عاقل شهرن کان علاوه شڪارپور، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به ان قسم جون شڪايتون وڌي ويون آهن. ميڊيڪل اسٽور وارن جو چوڻ آهي ته عام استعمال وارين گورين ۽ دوائن جي کوٽ گذريل مهيني کان شروع ٿي جيڪا هاڻي شدت اختيار ڪري وئي آهي. ميڊيڪل اسٽور وارن جو اهو به چوڻ هو ته ڪورونا جي خوف ۽ پاڻ مرادو علاج جو رجحان  وڌيل هئڻ سبب اهڙي قسم جي گورين جي کپت وڌي آهي. ساڳئي وقت سياري جي ڪري بخار ۽ زڪام جون شڪايتون به وڌي ويون آهن. ان حوالي سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي توڙي ٻين لاڳاپيل ادارن پاران ڪا به وضاحت سامهون ناهي آهي.