ڪراچي: ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ويل مهاڻن جي هوڙا ٻڏي وڃڻ واري معاملي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد  علي شاهه نوٽيس وٺندي حيدرآباد جي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر کان سخت پڇاڻو ڪيو ته موسميات کاتي پاران سمنڊ جي ڇولين جي لهر ۾ چاڙهه جي ڏنل آگاهي باوجود مهاڻا سمنڊ ۾ ڪئين ويا؟ وڏي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هوڙا ٻڏي وڃڻ کانپوءِ لاپتا مهاڻن جي ڳولا جاري آهي ۽ گم ٿي ويل مهاڻن جا وارث پريشان نه ٿين، ٻئي طرف حيدرآباد جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ پاران سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ٻه هوڙا ٻڏي ويا هئا، جن مان هڪ هوڙي ۾ سوار 22 ماهيگير هوڙي جي ٻڏي وڃڻ بعد محفوظ طريقي سان ٻيٽ تي پهچي ويا، جن کي ڪيٽي بندر تعلقي اسپتال آندو ويو هو ۽ اهي محفوظ آهن، جڏهن ته ٻئي هوڙي الصديق ۾ 16 مهاڻا سوار هئا، جن مان 8 مهاڻن کي ريسڪيو ٽيمن کي بچائي ڪيٽي بندر آندو ۽ ٻين جي ڳولا جاري آهن، هوڏانهن  موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اولهه ۽ ڏکڻ مان اٿندڙ هوائن جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ رهي سگهي ٿو.