ٺٽو : 3 هوڙن واري واقعي تي فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ياسمين شاھ ، گلاب  شاھ ۽ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ آدم گندرو چيو آهي ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي هر واري قدرتي آفتن جي زد ۾ ايندي رهندي آهي پر ان جي باوجود حڪومتي سطح تي ڪي به جوڳاءَ اپاءَ ناهن ورتا ويا، هنن چيو ته قدرتي آفتن جي اچڻ کان موسمياتي تبديلين جي پڻ ڄاڻ جي فراهمي نٿي ڪئي وڃي، جنهنڪري اهڙن واقعن جي پيش اچڻ سان هر وقت مقامي مهاڻن سميت ٻين مهاڻڻ کي مڇي جي اونهي سمنڊ ۾ شڪار ڪرڻ دوران  جانين کي خطرا لاحق هوندا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سامونڊي حدن ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان بچاءَ جي سلسلي ۾ گھربل اپاءَ وٺي مهاڻن جي زندگي کي محفوظ بڻايو وڃي .