لاڙڪاڻو/ ڪنڌڪوٽ/ جيڪب آباد (ن پ ا) وفاقي  وزير علي زيدي چيو آهي ته خبر ناهي ته صدارتي نظام جا اشتهار ڪير پيو هلرائي، پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ صدارتي نظام تي ڪوبه غور ويچار ناهي ٿيو.لاڙڪاڻو جي دوري تي پهتل وفاقي وزير علي زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ حڪومت کان عوام جي لُٽيل پئسي جو حساب ورتو ويندو، نيب چيئرمين ٻن پيرن وارن ڪوئن کان ڪروڙين رُپيا اوڳاڙي ورتا آهن.جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ ڀاڻ ذخيرو ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت تعليم ۽ صحت سوڌو ڪنهن به شعبي ۾ ڪم ناهي ڪيو، پيپلز پارٽي پاڪستان جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جا اثاثا ڪڍون ته هو ڪروڙين روپين جي ملڪيت جو مالڪ آهي.هن چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو به پاڪستان جا هئا پر بلاول ڀٽو زرداري کي ٻاهرين ملڪيت ڪٿان ملي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اثاثن ۾ اها ڊڪليئر به ڪئي هاڻي کيس جواب ڏيڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪري ڪوڙ ڳالهائيندو آهي.علي زيدي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 5 سال پورا ڪندي ۽ 2023ع ۾ به اسان جي حڪومت هوندي، ڪراچي ۾ روڊ ٺاهڻ وفاق نه پر صوبائي حڪومت جو ڪم آهي پر ڪراچي ۾ گرين لائين بس اسان هلائي رهيا آهيون.هن چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جا پئسا عوام تي خرچ نه ٿا ڪن پوءِ به اسان مٿان الزام لڳايو پيو وڃي، عمران خان زمين وڪرو ڪري ڇڏي، اهي پئسا اچڻ سان ان جي ملڪيت ۾ اضافو ٿيو ۽ هن وڌيڪ ٽئڪس ڏنو.  علي زيدي وڌيڪ چيو آهي ته  سنڌ ۾ ٻرندڙ مسئلو بلدياتي نظام جو ڪارو قانون آهي، آئين ۾ واضع آهي ته اختيار مڪاني اداران جي نمائندن کي منتقل ڪرڻا هوندا آهن. هن چيو آهي ته 18 هين ترميم جي ذريعي اختيار صوبي کي مليا پر سنڌ ۾ سڀ اختيار سي ايم هائوس ۾ رکيا ويا آهن، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ڪاميٽي جي سيپٽمبر 2020 ۾ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ پي پي پي وارن کي چيو ته مڪاني نظام جي نمائندن کي اختيار ڏنا وڃن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پوري سنڌ ۾ هجن، پي پي پي وارن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ بلدياتي ڪارو قانون آڻي سڀ اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. هن چيو آهي ته بلدياتي نظام واري بل کي پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين جماعت ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي پي پي وارن چارٽر آف ڊيموڪريسي جي تحت پنهنجا ڪم ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين آهي، سنڌ ۾ چئن سالن کان اسٽينڊنگ ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ٿي نه سگهيا آهن.هن چيو آهي ته صفائي سٿرائي، موٽر وي ۽ ٻيا ڪم وفاق ڪري رهي آهي، 12 هزار ارب 10 سالن جي عرصي دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي مليا، سنڌ جي کاتن کي پرائيوٽ ڊونر هلائي رهيا آهن.هن چيو آهي ته مراد علي شاهه کي خوش رکو پوءِ ڪير هنن کان پڇا ڪرڻ وارو ناهي، وڏو وزير آصف علي زرداري جو منشي لڳل آهي، ڪراچي ۾ 2 وڏا پورٽ آهن جن کي سنڌ حڪومت تباهه ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ 96 ارب روپيا لڳايا ويا پر برج خليفه 2 ارب روپين ۾ ٺهيو.هن چيو آهي ته ڪراچي ۾ وڏيون عمارتون ٺاهي ٻه نمبري ڪئي وئي، اسان لاڙڪاڻي ۾ ڪامياب ورڪر ڪنوينشن ڪيو  آهي، اسان جي اچڻ جو ٻڌي گهٻرائجي منشي به لاڙڪاڻي آيو هو، سنڌ ۾ ڌانڌلي نه ٿي ته 2023ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کٽي نه سگهندي.هن چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪتي چڪ جي ويڪسين ناهي ۽ سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، مان اڳڪٿي ڪيان پيو ته سنڌ ۾ 2023ع ۾ پيپلز پارٽي نه پر پي ٽي آءِ ۽ ٻين اتحادين جي حڪومت هوندي.هن چيو آهي ته  2023ع ۾ سنڌ ۾ وڏو وزير پي ٽي آءِ يا اتحادي مان ئي هوندو، صدارتي نظام بابت بحث کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي، ڪنهن به نظام ۾ قانون جي حڪمراني لازمي آهي، اسان جي ڪور ڪاميٽي يا وفاقي ڪابينا ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي آهي