سکر: قتل جو ڏوهه ثابت، ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

0
197
Sukkur Court

سکر(ن پ ا) سکر جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽2،2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا ٻڌايل جوابدارن غلام مصطفيٰ ۽ محمد نواز مگسي صالح پٽ ۾ محمد مٺل مگسي کي قتل ڪيو هو، عدالت ساڳئي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 5 ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، بري ٿيلن ۾ لعل محمد، پرويز، نثار، نور محمد ۽ محمد ابراهيم شامل آهن، جڏهن ته سزا ٻڌايل جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو ويو آهي.