سڄي ملڪ ۽ عالمي ادارن جي مدد باوجود متاثرين تائين 2 لک خيما به نه پهچائي سگهيا آهيون: وڏو وزير

0
365

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آھي ته سنڌ جا سوا ڪروڙ بي گهر ماڻهو انساني الميي کي منهن ڏئي رهيا آهن، سڄي ملڪ ۽ عالمي ادارن جي مدد باوجود متاثرين تائين 2 لک خيما به نه پهچائي سگهيا آهيون

وڏي وزيرمراد علي شاهه مزار قائد آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چيو ته اسان کي پئسا نه کپن، سنڌ کي خيمن، دوائن ۽ مڇردانين جي ضرورت آهي

Explained: As floods wreak havoc in Pakistan, will India extend a helping hand?

وڏي وزير جو چوڻ ھو ته تباهه ٿيل آبادگارن کي ساڍا 3 کرب روپين جو پئڪيج ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻن مهينن اندر پاڻي نيڪال ڪري ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پوکائڻ چاهيون ٿا، ڪراچي پهتل 18 هزار ٻوڏ متاثرن جي سار لهنداسين

ھن چيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن بابت ڪجهه ماڻهن بي وقوفي وارا بيان ڏنا، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪو به ڊيم ٺاهڻ جي گنجائش نه آهي، سنڌ جي شهرن ۾ ڊيم ٺاهيو وڃي ته ڪو اعتراض نه آهي

ھي به پڙھندا

سيوهڻ جي 10 يوسيز ۾ منڇر جي پاڻي جون تباهڪاريون

برياني جي ٿيلهي تي سيلفي ڪڍرائيندڙ مختيارڪار مٺي