سپريم ڪورٽ ۾ مقررين تي پيدا ٿيل عدالتي بحران

0
216

ججن جي مقرري واري جوڊيشل ڪميشن آخرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ سال لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبرن جسٽس مشير عالم، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس مقبول باقر، جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان، قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي اختر حسين ايڊووڪيٽ شرڪت ڪئي، اجلاس 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ تائين جاري رهيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊهاڪ جج طور مقرري واري مامري تي ڪميشن ۾ واضح طور تي اختلاف نظر آيا، خاص طور تي چيف جسٽس گلزار احمد ، جسٽس مشير عالم، جسٽس عمر عطا بنديال، قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ تي زور ڀريو جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس مقبول باقر، جسٽس (ر) دوست محمد خان ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ان کي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي قرار ڏنو. اجلاس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جيڪو بيماري سبب ويل چيئر تي آڪسيجن سئلينڊر سان گڏ شامل ٿيو، ان باقي پنجن ميمبرن جي موقف تي سخت تنقيد ڪئي ۽ اهو موقف اخيار ڪيو ته چيف جسٽس احمد علي شيخ کي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪيو ويندو ته اها آئين جي مختلف شقن جي خلاف ورزي هوندي، آئين جي جيڪو خلاف ورزي ڪندو آهي ان جي خلاف آئيني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، هي هڪ آئيني فورم آهي ان ۾ جيڪو به فيصلو ٿئي ان کي آئين مطابق قرار ڏنو وڃي. جڏهن ته جسٽس (ر) دوست محمد خان پڻ ساڳيو موقف اختيار ڪندي ڪميشن جي باقي 5 ميمبرن کي آگاهه ڪيو ته تاريخ ۾ لکيو ويندو ته اوهان هڪ غلط فيصلو ڪري رهيا آهيو، جڏهن ته چيف جسٽس احمد علي شيخ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪري چڪو آهي، ان کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻو ئي آهي ته کيس مستقل جج طور مقرر ڪيو وڃي. ساڳئي طرح جسٽس مقبول باقر جنهن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪراچي مان شرڪت ڪئي ان به ڪميشن جي باقي 5 ميمبرن جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوڊيشل ڪميشن کي آئين جي پاسداري ڪندي صحيح فيصلو ڪرڻ گهرجي، اهڙو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اڳتي هلي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي.پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر اختر حسين ايڊووڪيٽ به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊهاڪ جج طور مقرري ڪرڻ لاءِ هي گهرايل اجلاس غير قانوني آهي، نامزد ڪيل جج جي رضامندي کان بغير اهو اجلاس ڪوٺائي نه ٿو سگهجي. جسٽس احمد علي شيخ ايڊهاڪ جج طور مقرري واري ڪميشن جي راءِ کي رد ڪري چڪو آهي، ان کان علاوه جوڊيشل ڪميشن 27 جولاءِ واري پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جونيئر جج جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري چڪي آهي، انهيءَ سفارش تي هن وقت تائين ججن جي مقرري واري پارلياماني ڪميٽي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن به جاري ناهي ٿيو ان ڪري هي اجلاس ڪوٺائڻ نه گهرجي ها. جڏهن ته ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم هڪ جهڙو موقف اختيار ڪندي چيو ته ڪميشن جي سربراهه چيف جسٽس گلزار احمد آئين جي آرٽيڪل 182 تحت سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي، اهڙي عمل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي مخالفت جڏهن ته مستقل جج مقرر ڪرڻ تي رضامندي ڏيکاري آهي. ان کان پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ مقرري ڪرڻ واري مامري کان انڪار ڪندو رهيو آهي، آئين جي آرٽيڪل 206 جي ذيلي شق2 تحت جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو ڪو به جج سپريم ڪورٽ اچڻ کان انڪار ڪندو ته ان مامري کي حل ڪرڻ لاءِ آئين جو سهارو وٺي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال کي حل ڪيو ويندو آهي.
ڪميشن جي اجلاس ۾ بحث مباحثي کان پوءِ 9 ميمبرن مان 5 ميمبرن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جڏهن ته باقي 4 ميمبرن انهن پنجن ميمبرن جي سفارش کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پيدا ٿيل اهڙي صورتحال کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿيو آهي ته ڇا ڪميشن جي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ بابت سفارش پارليامينٽ جي ججن کي مقرر ڪرڻ واري ڪميٽي ڏانهن اماڻي ويندي يا اها سفارش صدر کي اماڻي اتان مظوري ورتي ويندي؟ ان حوالي سان ججن جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جا ميمبر به ٻڏتر جو شڪار آهن، ڪميٽي جي ميمبرن جو اهو موقف آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي ٺهڻ کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو جوڊيشل ڪميشن ڪنهن ايڊهاڪ جج جي مقرري جي سفارش ڪئي آهي، ان کان پهريان اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي. جوڊيشل ڪميشن جيڪي به سفارشون ڪيون آهن اهي ڪميٽي ڏانهن اماڻي ان جي منظوري ملڻ کان پوءِ صدر ان جي منظوري ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، هن ڀيري ايڊهاڪ جج جي مقرري تي به ساڳيو عمل ورجائڻ گهرجي، ڪميشن جيڪڏهن ايڊهاڪ جج جي مقرري وارو مامرو ڪميٽي ڏانهن نه موڪليو ته اها قائدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ٿيندي ۽ هڪ نئون مثال پيدا ٿيندو ۽ مستقبل ۾ ان جو بهانو بڻائي ڪجهه اڻ ڏٺيون قوتون پنهنجي مرضي جا ماڻهو عدليا ۾ مقرر ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ متحرڪ ٿي وينديون. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪميٽي جو اجلاس 13 آگسٽ تي ڪوٺايو ويو آهي ان اجلاس ۾ هونئن ته جوڊيشل ڪميشن پاران سفارش ڪيل جسٽس محمد علي مظهر جي مامري تي غور ڪيو ويندو پر ڪالهوڪي اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مستقبل بابت جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان تي غور ضرور ڪيو ويندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪميٽي جي اجلاس ۾ جيڪڏهن جسٽس احمد علي شيخ جي مقرري وارو مامرو اماڻيو نه ويو ته ان تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ۽ پنهنجو قانوني موقف جوڊيشل ڪميشن آڏو پيش ڪيو ويندو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ واري مامري تي پاڪستان بار ڪائونسل ۾ به سخت ڪاوڙ جو اظهار ٿي رهيو آهي، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پاڪستان بار ڪائونسل جسٽس محمد علي مظهر واري مامري تي پنهنجو لائحه عمل تيار ڪري رهي هئي هاڻي چيف جسٽس احمد علي شيخ واري مامري تي به پنهنجو لائحه عمل واضح ڪندي. هن وقت بار ڪائونسل اندر اها سوچ پيدا رهي آهي ته جوڊيشل ڪميشن جنهن تڪڙ ۾ پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري رهي آهي انهن فيصلن خلاف ڀرپور طريقي سان عدالتن اندر ۽ ٻاهر احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي، ان احتجاج ۾ اها راءِ سامهون آئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جنهن جونيئر جج کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ان جي عدالت ۾ جيڪڏهن ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويندا ته ان جي عدالت ۾ وڪيل پيش نه ٿيندا.وڪيلن جي ان راءِ تي جيڪڏهن عمل ٿئي ٿو ته ملڪ اندر هڪ نئون عدالتي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪجهه وڪيل اڳواڻن جو اهو موقف آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جونيئر جج جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مستقل ڪرڻ جي سفارش جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج سنڌي ڳالهائيندڙ جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ افسوس جوڳو آهي. اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ جج کي اهڙي طريقي سان سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ باقاعده هوم ورڪ تيار ڪيو ويو هو، جولاءِ جي مهيني ۾ جوڊيشل ڪميشن جي ٿيل ٻنهي اجلاسن ۾ اٽارني جنرل ۽ قانون واري وفاقي وزير ڄاڻي واڻي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ وارو نقطو اٿاريو هو، ان وقت به ڪميشن جي ميمبرن سندس ان نقطي جي سخت مخالفت ڪئي هئي پر اٽارني جنرل ۽ قانون واري وفاقي وزير ان هڪ مهيني دوران پنهنجو ڀرپور هوم ورڪ ڪري پنهنجي سوچ کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
جوڊيشل ڪميشن جي سفارش کان پوءِ هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ وٽ ڪيترا آپشن آهن اها ته ان کي خبر هوندي پر جن آپشنن تي غور ڪري سگهجي ٿو ان ۾ سڀ کان پهريون آپشن اهو آهي ته هو جوڊيشل ڪميشن جي سفارش تي عمل ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ايڊهاڪ جج مقرر ٿي سپريم ڪورٽ جي باقي ججن منجهان جونيئر جج ٿي عدالت ۾ ويهي درخواستن تي ٻڌڻي ڪري يا وري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وانگر جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي عدالتي فورم تي چئلينج ڪري پنهنجو موقف اوپن ڪورٽ ۾ پيش ڪري ته ساڻس جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرن زيادتي ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي تي آئيني درخواست داخل ڪري سگهي ٿو. هو پنهنجي درخواست ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي ڏنل درخواستن جو به ذڪر ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ جسٽس وقار احمد سيٺ پاڻ سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪيو هو، هو پاڻ ته هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پر هن جي درخواست هن وقت تائين ٻڌڻي لاءِ منظور نه ڪئي وئي آهي، نه ئي جوڊيشل ڪميشن سندس سپريم ڪورٽ ۾ مقرري واري خواهش پوري ڪئي.