نقطه نظر ……….

0
356

اوهان مان اڪثريت شايد متفق نه ٿئي پر اها ڳالهه سو فيصد درست آهي ته ملڪي تاريخ ۾ هن ملڪ کي ٺاهڻ جي دعويدار سياسي اڳواڻن مان اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي جيڪي پنهنجي سوچ عمل ۽ مزاج ۾ سيڪيولر خيالن جا ماڻهو هئا يا ڀلا ايئن کڻي چئون ته سوچڻ ۾ انتها پسند نه هئا.
منهنجي نظر مان باباءِ قوم جي اهڙي ڪابه تصوير نه گذري آهي جنهن ۾هو مذهبي ماڻهو هئڻ جو ڏيک ڏيندو هجي .
ايئن ئي پاڪستان جو خواب ڏسندڙ علامه اقبال جو شڪوه جي ڪٿي محفل ۾ پنھنجي نالي سان تحت اللفظ ۾ پڙهجي ته“ ڪافر اعظم” جو لقب ضرور ملندو.
جوهر برادران بظاهر ڏاڙهي وارا هئا پر سندن تقريرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻين مذهبن جي لاءِ نفرت نه هئي . اهوئي سبب هو جو محمد علي جوهر جي وفات تائين سڃاڻپ ڪانگريس توڙي مسلم ليگ جي گڏيل اڳواڻ واري هئي .
پري ڇو ٿا وڃون هي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو وڏو تعليمي ادارو “سنڌ مدرسو ” ٺاهيندڙ حسن علي آفندي جو لهجو، گفتگو جو انداز بلڪل منڇر جي مهاڻن جهڙو هو. ان جون ڪچيون پڪيون سڀ گاريون هضم ٿي وينديون هيون .آفندي مسلمانن جي غربت واري حالت تي نه صرف اندر ئي اندر ڪڙهندو هو پر ان جبر سان مقابلي لاءِ ڀرپور ۽ خوبصورت اظهار هن هڪ اعليٰ تعليمي ادارو ٺاهي ڪيو پر حسن علي آفندي مسلمانن جي انهن حالتن جو ذميوار ڪنهن مذهب کي سمجهڻ بدران فرنگين جي ڊگهي حڪمراني کي سمجهندو هو .
لياقت علي خان لاءِ ته چون ٿا ته رنگين محفلن ۾ ٻرندڙ فانوس جيان پيو عشق جي آوي ۾ پچندو هو. حُسن پرور هجڻ ڪري صنف نازڪ سندس وڏي ڪمزوري هئي. سائين جيئنم سيد جنهن سنڌ اسيمبليءَ مان نئين ملڪ جي لاءِ قرارداد پاسي ڪرائي هئي ان صوفي منش انسان جي هڪ سڃاڻپ اها به آهي ته هو مذهبن جي تاريخن کان گهڻو واقف هو ان ڪري ئي سائين جيئنم سيد جي ڪتاب “جيئن ڏٺو مون” تان اڃان تائين لکت ۾ بندش نه لٿي آهي، سائين جيئنم سيد جي سڄي زندگيءَ تي ڪافر لفظ حصار ڪري بيٺو رهيو.
اهي آهن پاڪستان ٺاهيندڙن جا وڏا نالا ۽ ڪردار.
جماعت اسلامي ۽ جمعيت العلماءِ هند جهڙيون مذهبي جماعتن ته کليل نموني هن ملڪ جي ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي.
تاريخ جا پيرا کڻون ٿا ته هڪ ڳالھه اها به عيان ٿئي ٿي ته جناح صاحب، ۽ لياقت علي خان جي غير طبعي موت سبب ملڪي صورتحال يڪسر تبديل ٿي ويئي ملڪ انهن قوتن جي هٿ چڙهي ويو جيڪي بنيادي طور تي هن ملڪ جي وجود جي ئي خلاف هئا. نئون ملڪ جنهن جا بنياد امن، برابري، انصاف ۽ انسانن جي ترقي تي رکڻ گهربا هئا ان بجاءِ ملڪ جا بنياد مذهبي انتهاپسندي تي رکيا ويا.
شايد ملڪ جي نون طاقتور مالڪن کي ڪنهن فلسفي جو جملو ٻڌايو هو ته“ تضاد ۾ زندگي آهي ” ۽ ملڪ جا بنياد مذهبي تضاد تي رکيا ويا.هنن سمجهيو پئي ته مذهب ۽ عقيدي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به طاقتور ناهي عام ماڻهو مذهب ۽ عقيدي جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻلي چاڙهي سگهي ٿو !
اسان جا اصل حڪمران جن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هر وقت مذهب خطري ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيو تن سڄي خطي ۾ معاشي ترقي جي پاسي رٿابندي ڪرڻ بدران دشمنن خلاف محاذ آرائي تي وڌيڪ زور ڏنو. مذهبي توسيع پسندي جي جنون کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو.
انڊيا جيڪا ڪروڙن انسانن جي معاشي منڊي هئي جتان هي ملڪ ساليانو اربين روپيا ڪمائي پئي سگهيو ان کي وڏو دشمن ڪري پيش ڪيو ويو . اڳتي هلي افغانستان، ايران، ۽ چائنه سان به ڇڪتاڻ وارا تعلقات پيدا ڪيا ويا.ايئن سرحدن جي ٻاهران دشمنن جون قطارون ٺاهيون ويون.
يقينن هر طرف دشمن هجي ته گهر کي هر وقت خطرو ته رهندو. دور تبديل ٿي رهيا آهن وقت سان گڏ جنگي حڪمت عمليون به تبديل ٿين پيون هاڻي سرحدن جي اندر خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ به ڊرون ٽيڪنالاجي جي ايئن ضرورت آهي جيئن ٻاهرين دشمنن سان مقابلي لاءِ شاهين ۽ غوري ميزائل ۽ ايٽم بم جي ضرورت آهي.پر ان جنگي ٽيڪنالاجي سان گڏ نئين فائيو ايج وار جي مصيبت به اچي پهتي آهي هن دور ۾ نفسياتي جنگ جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي طور “دانشوراڻا سيل” ٺاهيا ويا.انهن دانشورن کي وڏي پگهار تي ننڍو ڪم ڪرڻو هو. ننڍو به صفا پتڪڙو ڪم.جيڪو به رياست جي بهتري جي ڳالهه ڪري، دشمنيون گهٽائڻ ۽ عوامي ڀلي جي لاءِ ڪا صلاح ڏيئي. قومن جي تاريخي وجود ۽ وطن جي ڳالهه ڪري يا جنگي جنون کي گهٽائي امن لاءِ وس آهر پاڻ پتوڙي، کيس ٽي وي چينلن ۽ اخباري ڪالمن ۾ گهلي اهڙو ڪري پيش ڪريو جو، جن اجتماعي مفادن جي هو ڳالهه ڪري ٿو اهو اجتماع ئي ان کي پنهنجو دشمن سمجهڻ شروع ڪري. غدار ۽ ڪافر جي فتوائن جي لاءِ پوري دانشورن جي برگيڊ تيار ڪئي ويئي انهن جي اندر ۾ امن ۽ سلامتي خلاف مچ پئي ٻريا.هو انتھا پسند سوچ جا حمايتي لکڻ ۽ ڳالهائڻ وارا اهڙا ڪاريگر هئا جن وٽ نه صرف ڳالهه رکڻ جو ڏانءُ هو پر هو پنهنجي هنر ۾ به بي مثال هئا. ڪوڙ کي سچ ڪري پيش ڪرڻ هنن جي لاءِ کاٻي هٿ جو کيل هو. اڳتي هلي دانشورن سان گڏ صحافين جا به اهڙا جٿا ٺاهي، لوگو ڏيئي ميدان ۾ لاٿا ويا جن جو ڪم ئي اهو آهي ته ماڻهن کان رڳو مذهبي سوال ڪن. مسئلن اوهان جيڪڏهن عوامي مفادن جي ڳالهه ڪريو ٿا ته صحافي اوهان کان اٿندي سوال ڪندو ٽيون ڪلمو ٻڌاءِ.هاڻي اوهان کي ٻيو ۽ ٽيون ڪلمو ياد ناهي اوهان ڪافر ۽ ملڪ دشمن ٿي ويا.بدقسمتي سان پهرين ڪلمي تي اڃان به هن ملڪ جي اصل ڌڻين کي اعتبار ئي نٿو اچي.
انتها پسندي جي خلاف رڙ نٿا ڪري سگهو. مدرسي جي مدي خارج تعليم ۽ سياست تي گفتگو نٿا ڪري سگهو.سائنس جي حق ۾ دليل نٿا ڏيئي سگهو. پير پرستي، فرقي پرستي، توهم پرستي جي خلاف تقرير نٿا ڪري سگهو.
مقتدر ڌرين جي بيڪريءَ کان وٺي ڪنسٽرڪشن، ٽول پلازه ۽ پيٽرول پمپ جي ڪاروبار، ملڪ جي وڏي بجيٽ سميت رياست جي عوام دشمنن روين بابت لکي نٿا سگهو.ايترو به نه پر سرحدن کان ٻاهر امن قائم رکڻ جي لاءِ شل نه اوهان گفتو ڪڍو، اوهان ايجنٽ، ڪافر ۽ غدار سڏبا.
اظهار جي آزادي دنيا ۾ بنيادي انساني حق تسيلم ٿيل آهي، اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اقوام متحده وٽ پنهنجي عوام کي اظهار جي آزادي ڏيڻ جي لاءِ لکت ۾ معاهدا ڪيا آهن. ان جي باوجود به هن رياست ، لکڻ، پڙهڻ ۽ تقرير جا ڪجهه ملڪ دشمن پيراميٽر طئه ڪيا آهن. جيڪي موضوع ممنوع آهن اهي آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان.
هاڻي اسان کي سمجهايو وڃي ٿو ته رياستي ادارن بدران حڪمرانن تي ڳالهايو، ڇاڪاڻ حڪمران تبديل ٿيندا رهندا. “علڻ ويو گلڻ آيو. ادو مئو ادي ڄائي اسين اوتري جا اوترا ”پيا ماڻهو مٿو هڻن. يا اسان کي چيو وڃي ٿو ته قوم فقط هڪ آهي پاڪستاني قوم، ملڪ جي ٺهڻ وقت ٻه قومي نظريي جي روشني ۾ چيو ويو ته هن خطي ۾ مسلمان ۽ هندو قومون رهن ٿيون، اها مسلمان قوم واري کل جوڳي تشريح ڀٽي شهيد جي ڦاهيءَ تائين هلي اڳتي هلي جنرل ضياءَ نئين قوم بابت نئون خيال پيش ڪيو قوم پاڪستاني آهي باقي مسلم اُمه آهي ٻين تاريخي قومن جن هن ملڪ کي وجود ۾ آندو انهن قومن کي تاريخ جي ورقن ۾دفن ڪيو ويو.
جنرل مشرف جي دور ۾ “چري ڪيئن چئي ويران وير وڌ” هاڻي اسلام ۾ موجوده فرقن بابت کلي عام چيو ويو ته فلاڻو ڪافر آهي ۽ ڪافرن جي خلاف جهاد هر مسلمان تي فرض آهي. اھو ئي سبب آهي جو هي رياست پنهنجي سرحدن جي اندر به هروقت حالت جنگ ۾آهي. شايد هن رياست ايتريون جنگيون سرحدن جي ٻاهر نه وڙهيون هونديون جيتريون جنگيون هن سرحدن جي اندر وڙهيون آهن .
تاريخي قومن سان جنگ، ٻوليءَ سان جنگ، فرقن سان جنگ. اظهار جي آزاديءَ سان جنگ، اخبار سان جنگ، ٽي وي چينل سان جنگ، تاريخ جي حقيقتن سان جنگ، انسان دوست روايتن سان جنگ، مندر سان جنگ، ڪليسا سان جنگ .
اهو ئي سبب آهي ته هن رياست کي سيڪيورٽي رياست چيو وڃي ٿو، سيڪيورٽي رياست جي گهرج جديد کان جديد هٿيار هوندا آهن. تعليم، سائنس، صحت ، بهتر معاشيات، واپار ۽ امن سيڪيورٽي رياست جي گهٽ گهرج هوندا آهن. اوهان پنهنجي چوڌاري غور سان ڏسو اوهان وٽ معاشي ترقيءَ جو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦيٿو بيهي رهيو آهي ملڪ عالمي مالياتي ادارن جي قرضن جي هيٺان چيلھه چٻي ٿيل ملندو، سائنس ۾ ترقي جي اها حالت آهي جو سواءِ جديد ۽ موتمار هٿيار ٺاهڻ جي نه ميڊيڪل سائنس نه ئي زرعي سائنس ۾ اسان جو ڪو اهڙو ڪارنامو آهي جنهن کي دنيا حيرت مان اکيون ڦاڙي ڏسندي رهي .
پاڻ ايئن کڻي چئون ته سرحدن جي ٻاهران ۽ سرحدن جي اندر جڏھن هر وقت جنگ جا طبل وڄندا هجن ته، اهڙي حالتن ۾ عدل، انصاف، انساني ترقي، روزگار ۽ امن امان ديواني جي خواب جيان هوندو آهي.
افغانستان جي نئين صورتحال هن رياست لاءِ نوان چئلينج کڻي اچي رهي آهي. معاشي طور ڪنگال هن رياست وٽ هٿيارن جي انڊسٽري به گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهندي.
ان ڪري نئين دنيا جي نئين حالتن کي سمجهندي رياست کي پنهنجي نئين شڪل ۾ ٻيهر نروار ٿي اچڻ جي ضرورت آهي.
هاڻي مذهبي شدپسندي کي الوداع ڪري رياست کي فلاحي شڪل جي پاسي اچڻو پوندو. ٻئي صورت ۾ جنگين جي هن جنگاهه ۾ چئي نٿو سگهجي ته ڪير بچي سگهندو ڪير پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي خالي هٿ لوڏي هلڻ واري حيثيت به وڃائي ويهندو