سيوھڻ(ن پ ا)  سيوهڻ ۾ ايس يو پي پاران گندو پاڻي فراهمي خلاف مظاهرو ڪيو ويو. مرڪزي نائب صدر جي اڳواڻي ۾ ڌمال چوڪ تي ٽئي ڏينهن به علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. روشن علي ٻرڙو، ضلعي صدر درياء خان لغاري، اصغر سولنگي، محمد نواز رند، اصغر شاھاڻي، مريد خان بروھي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گورنمينٽ جي نااھلي سبب ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ٽينڪر مافيا جي مدد سان شھر واسين کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا آھن ۽ شھر جي مختلف محلن ۾ گندو بدبودار پاڻي سپلاء ڪيو ٿو وڃي جنھن سبب مختلف بيمارين جنم ورتو آھي جڏهن ته ڀان سيدآباد ۾  پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آھي ۽ سيوھڻ شھر اندر واٽر سپلاء جون ٽٽل لائينون ھئڻ سبب شھر ۾ گندو ۽ بدبودار ۽ انتھائي غليظ پاڻي ڏنو پيو وڃي جنھن ڪري شھري پيٽ ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن اڳواڻن چيو ته سيوھڻ  ميونسپل جي ڪروڙين روپيا بجيٽ ھئڻ باوجود ڪامورن جي نااھلي سبب شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا نٿو ڪيو وڃي ۽ سموري بجيٽ ڀوتارن جي بنگلن تي خرچ ڪئي پئي وڃي. ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ  ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته  شھر مان پراڻيون لائينون ڪڍي ۽ نيون لائينون لڳائي شھر واسين کي پئيڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.