مسڻ (ن پ ا) مسڻ وڏي ويجھو سلطانه آباد لڳ بروھي برادري جي گھرن کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب 4 گھر سڙي رک ٿي ويا. باھ لڳڻ ڪري عرض محمد, نظر محمد,نيڪ محمد, نياز بروهي جا گهر شامل آهن  باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين ڪمن ڪارن سان  ٻاھر ھئاسين ته اوچتو گھرن کي باھ لڳي وئي جنھن سبب  گهرن ۾ پيل الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو آھي اسان  پنهنجي مدد پاڻ باھ وسائيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو پر اطلاح بائوجود فائير برگيڊ گاڏي دير سان پهتي جنهن ڪري  اسان  جي گھرن ۾ پيل ڪپڙا کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي اسان جو وڏو نقصان ٿيو آھي اسين  ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار ۽ تڪ جا چونڊيل نمائندن کي مدد جي اپيل ڪريون ٿا اسين کليل اسمان هيٺ بي مدد گار ويٺل اهيون اسان جي مدد ڪئي وڃي.