سيوهڻ (ن پ ا) سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوھڻ جو ملازم اقبال احمد ابڙو گذريل ڏينهن گھران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا باوجود ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي، جنهن بعد گم ٿيل نوجوان اقبال ابڙي جي ڀاءُ محمد ابڙو پاران ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي اڪائونٽ آفيسر تي سندس ڀاءُ کي اغوا جو شڪ ڏيکاريو آهي، ان حوالي سان   نوجوان اقبال ابڙو جي وارثن ۽ ڀائرن محمد خان ابڙو، احسن ابڙو، محمد سليمان ابڙو، الھه بخش ابڙو  ۽ ٻين اقبال ابڙو جي بازيابي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته  گذريل ڏينهن اقبال پنهنجي دوستن سان گڏ چانھه پيئڻ پئي ويو ته 2 پوليس گاڏين ۾ سوار سول ڪپڙا پھريل اهلڪارن اقبال ابڙو کي کنڀي کڻي ويا، اسان کي شڪ آھي ته اقبال کي ميونسپل ڪاميٽي جي اڪائونٽنٽ  اغوا ڪرايو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.