خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾بجليءَ جي اڻ اعلانيل طويل لوڊشيڊنگ خلاف جسقم ڪارڪنن جو سيپڪو آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو، نعريبازي. شهرين خرم مھيسر، الطاف چنو، طاھر ڀٽي، اخلاق جانوري، ڪميل ابڙو ۽ ٻين ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ۾ سيپڪو اختيارين بجليءَ جي غير اعلانيل طويل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار توڙي عام وهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته سيپڪو ملازمن گرمين جي موسم کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ملازمن طرفان ڪنڊا سسٽم شروع ڪري هر مهيني هزارين رپيا منٿلي اوڳاڙي پئي وڃي، جنهن ڪري لوڊ پوڻ سبب مختلف علائقن جا ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا ۽ ملازم وري ٽرانسفارمر ٺهرائڻ جي مد ۾ شهرين کان اوڳاڙيون ڪندا رهن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪئي وڃي.