خيرپور (رپورٽر) پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي، ضرورت پئي ته پ پ پاران سنڌ جي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج به ڪيو ويندو. خيرپور ۾ شھيد بينظير ڀٽو ٽيڪنيڪل يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن پاران ٺاهيل پراجيڪٽس جي نمائش واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي وڌيڪ چيو ته سنڌ جا واهه، ڪئنال ۽ شاخون سُڪل آهن، جنهن ڪري هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن، ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي. هن چيو ته اليڪشن ملڪ جي ضرورت آهي، ڏيڍ سال ڪو وڏو عرصو ناهي، ملڪ ۾ جلد صاف شفاف چونڊون ٿينديون. هن چيو ته  اسان ڪنهن کي به جيل موڪلڻ نٿا چاهيون، فقط آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا. ڪيترن ئي سالن کان فارين فنڊنگ ڪيس پي ٽي آءِ کي ڳچيءَ ۾ پوندو. تقريب کي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ، ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، پروفيسر حسين بخش مري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي بهترين پراجيڪٽس پيش ڪندڙ شاگردن کي شيلڊون ۽ روڪ انعام به ڏنا ويا.