کپرو (ن پ ا) فوڊ اٿارٽي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چندر ڪمار جي اڳواڻي ۾ پوليس ساڻ ڪري شهر ۾ مختلف هنڌن تي هوٽلن تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران صفائي نه هئڻ، نقلي تيل استعمال ڪرڻ تي ھوٽل مالڪن ۽ ريزڪي جي دڪاندارن مٿان ڏنڊ وڌو، ٽيم چيو ته هوٽلن، بيڪرين ۽ دڪانن تي نقلي تيل سان ٺهيل شيون وڪرو ٿي رهيون هيون جن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو، هوڏانهن هوٽل مالڪن شوڪت علي ۽ عبدالله ڪنڀار الزام هڻندي چيو ته ٽيم 5 هزار رشوت گهري جيڪا نه ڏيڻ تي ڇاپو هڻي ڏنڊ ورتو ويو، هنن معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو،