سيھڙ (ن پ ا) سيھڙ ڀرسان ڳوٺ صوبدار سرگاڻي جو رھواسي پيرسن 70 ورهين جو نظام الدين سرگاڻي ڪالھه شام ميھڙ کان ڳوٺ صوڀدار سرگاڻي اچي رھيو ھو ته رستي مان پر اسرار نموني گم ٿي ويو، ان حوالي سان پيرسن جو وارثن ٻڌايو ته پيرسن ٻنهي ڪنن کان ٻوڙو آهي، ڳولا ڪرڻ باوجود ھٿ نه اچي سگهيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پيرسن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.