اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري لڳ ڳوٺ نواب الدين خاصخيلي واسي مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي ٺري ميرواھ جو نائب صدر پورٽ قاسم اٿارٽي جو اڳوڻو انسپيڪٽر عبدالمجيد خاصخيلي دل بيهڻ سبب نوابشاھ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو سندس مڙھ اسپتال کان گهر پهچڻ بعد سندس گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ نواب الدين خاصخيلي ۾ ادا ڪئي وئي،مرحوم کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.