سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ ۾ نيشنل بينڪ جي امڪاني بندش خلاف سيتاسرجڻهارفورم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مشهورميمڻ جي اڳواڻي ۾  پروفيسر غلام مصطفيٰ سمون، امام علي سمون، قمرالدين چهواڻ ، رانا سرفراز راجپوت ،  شهزاد ميمڻ، شيراز علي سمون ، آصف خانزادو ، غلام مرتظيٰ سومرو ،  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته نيشنل بئنڪ برانچ سيتاروڊ جي ڪجهه ملازمن جو عوام سان ورتاءُ سهي نه هو۔ اڪائونٽنٽ کولڻ ، چيڪ بوڪ ، اي ٽي ايم  ڪارڊ ، قرض وغيره ڏيڻ ۾ ڇهن مهينن کان هڪ سال  تائين عوام  کي رلائيندا رهيا بزنيس وڌائڻ لاءِ شهر جي هڪ به واپاري سان رابطو نه ڪيائون  اهڙي صورتحال سبب نيشنل بئنڪ برانچ سيتاروڊ  لاسز ۾ هلي وئي مشهورميمڻ وڌيڪ چيو ته ڇڙواڳ ملازمن کي سزا ڏيڻ بجاء شهرين کان نيشنل بئنڪ جهڙي نعمت کسي پئي وڃي  جڏهن ته ساڳئي وقت شهر جون ٻه پرائيويٽ بئنڪون حبيب بئنڪ ۽ ايم سي بي محنتي اسٽاف سبب ڪاميابي سان هلي رهيون آهن، نيشنل بئنڪ برانچ سيتاروڊ بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي بئنڪ کي تباه ڪندڙ اسٽاف ڪڍي محنتي عملو مقرر ڪري  پينشرن ۽ حاضر سروس ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.