ڪلڪتو (م ڊ) ڀارتي رياست جھارڪنڊ ۾ ڪانگريس جي اتحادي حڪومت جي 3 ميمبرن کي ڪروڙين رپين سميت رنگي هٿان گرفتار ڪيو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب اولهه بنگال پوليس جھارڪنڊ جي ڪانگريس پارٽي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر جي ڪار مان ڪروڙين رپيا هٿ اچڻ بعد ايم ايل ايز عرفان انصاري، راجيش ڪيشپ ۽ نمن بڪسل کي گرفتار ڪري ڪيس سي آءِ ڊي حوالي ڪري ڇڏيو.