سياسي سرچاءِ جو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي!

0
23
سياسي سرچاءِ جو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي!

توڙي جو موسم جي حدت ۽ حرارت، تپش ۽ تمازت ايتري گهڻي نه آهي، جو ائين چئجي ته سج نيزي پاند لهي آيو آهي، البته اها ڳالهه ملڪ جي سياسي ماحول لاءِ ويساهه ۽ وثوق سان چئي سگهجي ٿي، جتي ڪجهه ڏينهن کان سياست جو گرمي پد عروج تي رهندو اچي، جنهن تمام گهڻي غير يقيني ۽ ڳڻتيءَ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. ٻئي طرف منصفن جي مڏي ڪاتي سان سسٽم کي هاڃو رسڻ وارو خوف به، عوام جي اعصابن تي ڇانيل هو، پر ڪالهه وزير اعظم شهباز شريف طرفان قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ طرفان معاملا “محاذ” بدران معاملا ميز تي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي شروعات کان پوءِ ماحول جي گرميءَ جو پارو ڪِرڻ جا امڪان پيدا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. ڪالهه وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ مان 180 ووٽ کڻي ايوان جو اعتماد حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون، هي سِٽون لکجڻ تائين، پارليامينٽ جي ڪميٽي روم ۾ شروع ٿي چڪيون هيون. پي ٽي آءِ جي ڪميٽيءَ جي اڳواڻي شاهه محمود قريشي ڪري رهيو هو، جڏهن ته حڪومتي ڪميٽيءَ ۾ پ پ پ، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جا نمائندا شامل هئا.

ڪائنات ۾ هر سوال جو جواب ۽ هر مسئلي جو حل موجود آهي. هر ويڙهه، پوءِ اها ڀلي ڪهڙي به محاذ ۽ ميدان تي هجي، ان جو حتمي حل وري به ڳالهين ۾ آهي، پر هتي الميو اهو آهي ته ڳالهين جي اهميت کان انڪار ٿيندو رهيو، زبان تي زور رکيو ويو ۽ لفظن جي مهاڀاريءَ صورتحال کي ان حد تي پهچائي ڇڏيو، جو سرچاءَ جا امڪان به پري ٿيندا ويا. وقت به وقت ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جا جوالا مکي ڦاٽندا رهيا. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته دنيا ۾ ايترو نقصان بمن ۽ بارودن ناهي ڪيو، جيترو نقصان لفظن جي نامناسب ۽ غير موزون استعمال سبب ٿيو آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته، گهڻو نقصان اٻهرائي ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙڻ سبب ٿيو. توڙي جو پي ٽي آءِ اندران به ان فيصلي سان سهمت نه هجڻ جا آواز اٿندا رهيا، پر اهو تدبر کان خالي ۽ غير دانشمنداڻو فيصلو ڪري سسٽم کي ئي داءَ تي لڳايو ويو. ظاهر آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون چونڊون اڳ ۾ ڪرائڻ سان اختيار ۽ اقتدار جو سمورو توازن ئي هيٺ مٿي ٿي ويندو. ٻن صوبن ۾ پهرين ۽ ٻن صوبن ۾ پوءِ چونڊن سان چونڊ نتيجن تي به اثرانداز ٿيڻ جا امڪان رهندا. هن وقت به موقعو آهي، سياسي مسئلا سياستدان گڏجي ويهي حل ڪن. وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون صرف ‘ون پوائنٽ ايجنڊا’ يعني سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن واري نڪتي تي ئي ٿينديون. هتي اسان اهو چوڻ مهلائتو ٿا سمجهون ته انائن جا اسير بڻجڻ بدران سياستدانن کي سسٽم ۽ ملڪي مفاد ۾ سوچڻ گهرجي. چونڊون ڪڏهن به ٿين، پر سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن. اهوئي مسئلي جو حل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اها به تجويز سياسي بازار ۾ اهم اسم طور متعارف ٿي هئي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلون بحال ڪرائي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو، پر ان ۾ به گهڻيون قانوني پيچيدگيون آهن.

ڪنهن وڏي بحران کان خوفزده عوام اها اميد رکي ٿو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ گهرجن پر اهو صرف ۽ صرف تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ٻئي ڌريون فهم ۽ فراست جو مظاهرو ڪن. هر مفاد کان ملڪي مفاد مقدم هجڻ گهرجي. هن وقت ملڪ جڏهن شديد معاشي بحران ۾ مبتلا آهي، ان مهل ڪنهن ٻئي وڏي بحران جو متحمل نٿو ٿي سگهي. ڪا به اٻهرائي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، مسئلي جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍيو وڃي.