سوات جي واديءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇانيل خوف جا پاڇا

0
18
سوات جي واديءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇانيل خوف جا پاڇا

سوات ۾ ڌماڪو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جون حياتيون ضايع ٿيون آهن، ان کانپوءِ واديءَ ۾ خوف ۽ غير يقيني جا ڪڪر ڇانيل آهن ته ڪٿي ظالم پاڇا واديءَ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ته ڪو نه وٺندا؟ ڪٿي واديءَ ۾ طالبان جا ٽولا پنهنجي ٿاڪ ته ڪو نه ٺاهيندا؟ ڪٿي بهشت جهڙي خوبصورت واديءَ تي، جتي قدرت بهار جي چادر وجهي ڇڏي آهي، اتي طالبان مقامي ماڻهن کي انهن رونقن کان محروم ته ڪو نه ڪري ڇڏيندا؟ جيترا وات اوتريون ڳالهيون.

15، 16 سال اڳ مولوي فضل الله ۽ انهن جي طالبان ڪمانڊرن جيڪي ڪلور ڪيا هئا، انهن  کي ڪير ٿو وساري سگهي. منگوره شهر جو بيچ گرين چوڪ، جنهن کي مقامي ماڻهو “خوني چوڪ” چوندا آهن، جتي طالبان پنهنجن دشمنن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ انهن جو سِر ٽنگي ڇڏيندا هئا. بهادر ملالا يوسفزئي تي قاتلاڻو حملو، ڌماڪا، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تالابندي ۽ ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ ڌماڪا، طالبان جو ريڊيو، فتويٰ…. ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي، موسيقي ۽ هر قسم جي آرٽ جي پرفارمنس تي بندش، ايتري قدر جو ڳائڻ وڄائڻ ۽ رقص به ممنوع هو. انهن ڏينهن جي طالباني دور ۾ اڪثر ڪري سوات وڃڻ ٿيندو هو، هڪ ڀيري جڏهن منگوره شهر جي ان “خوني چوڪ” تي بيٺو هئس، منهنجا مقامي ساٿي شهزاد، ناصر داوڙ ۽ ظفر اشارن ۾ ٻڌائي رهيا هئا ته هتي ڌماڪو ٿيو هو. هتي مخالفن کي طالبان قتل ڪيو هو، مطلب ته شايد ئي اهڙي ڪا بازار يا چوڪ هجي، جيڪو طالبان جي دهشتگردي کان محفوظ رهيو هجي. هڪ طرف واديءَ جا خوبصورت رنگ ته ٻئي طرف ظلم ۽ ستم جون اهي ڪهاڻيون. آئون يادن جي گهيري ۾ وڪوڙجي ويس.

ننڍپڻ ۾ مونکي شهنشاههِ ايران ۽ راڻي فرح ديبا کي گلدستو پيش ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو هو. اباڻي شهر لاڙڪاڻي جو موهن جو دڙو ايئرپورٽ. شهنشاههِ ايران کي نيري رنگ جو سوٽ پاتل هو، ڳاڙهي رنگ جي ٽائي. راڻي فرح ديبا جو هيرن سان مڙهيل تاج، رنگارنگي زيور ۽ ڳچيءَ ۾ چمڪندڙ ۽ تجلا ڏيندڙ هار. ٽارمڪ تي ڳاڙهو قالين. آئون جڏهن گهر موٽي ويس ته منهنجي والده ۽ پاڙي جي عورتن تجسس مان مون کان پڇيو ته، “راڻي ڪيئن لڳي رهي هئي؟” مون جواب ڏنو ته، “ڄڻ انڊلٺ جي رنگن ۾ ڪا پري هجي”. پر جڏهن ٻئي ڏينهن مون کي ايئرپورٽ تي پنهنجي هٿن سان شهنشاههِ ايران ۽ راڻي فرح ديبا کي گلدستو پيش ڪرڻ واري تصوير ڏني وئي ته اها بليڪ اينڊ وائيٽ هئي. آئون ته ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويس، ڇو ته منهنجي ذهن ۾ ۽ وجود سان ته ايئرپورٽ جا رنگ جڙيل هئا پر تصوير ۾ رنگ غائب هئا.آئون ان وقت “خوني چوڪ” تي بيٺي ائين ئي محسوس ڪري رهيو هئس، ائين ٿي لڳو ڄڻ طالبان سوات جي خوبصورت واديءَ کان ان جي زندگي کسي ورتي هجي، ان بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير وانگر. منهنجي ملاقات زيارت گل سان به ٿي، جنهن جي يادگيرين تي ڳاڙهي رنگ جا داغ اڄ به موجود هئا. ان جي ڀيڻ کي طالبان قتل ڪري ان “خوني چوڪ”، جتي آئون بيٺل هئس، اتي لاش کي ٽنگي ڇڏيو هو. شبانه جو ڏوهه ان جي نچڻ ۽ ڳائڻ جو پيشو هو. لاش تي ڪرنسي نوٽ، ان جي پرفارمنس جون تصويرون چنبڙيل هيون. ٻئي ڏينهن زيارت گل، ٻه سئوٽ ۽ والد ئي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شامل هئا. ٻئي ڏينهن آئون ان جي سهيلي شهناز سان به مليس، جيڪا پڻ ڪافي مشهور فنڪاره هئي. شهناز کي پنهنجي سهيلي شبانه جا سڏڪا ياد هئا.

“آئون پنهنجي ديوار جي سوراخ مان ڏسي رهي هئس. پٽڪن ۽ ڊگهن وارن، ڏاڙهين وارا طالبان چوڌاري هئا. هٿ ۾ بندوقون. هوءَ ٻاڏائي رهي هئي… مونکي نه ماريو…. مونکي نه ماريو…. فائرنگ جا آواز ۽ پوين پساهن وارا سڏڪا.”

رحمان بابا جي قبر تي قبضو. هڪ پير، جيڪو طالبانن جي خلاف مزاحمت ڪندي مارجي ويو هو. ساٿين ان کي دفن ڪري ڇڏيو پر طالبان ان جي لاش کي قبر مان ڪڍي هڪ وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو. ظلم ۽ ستم جي حد هئي.
نيٺ فوجي آپريشن ٿيو. سوات جي لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ. بي سرو ساماني، بي يارو مددگار. غريب هجي يا امير، ٻار هجي يا جوان يا پوڙهو، عورت هجي يا مرد، سڀني کي پنهنجا پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا. صوابي، مردان، چارسده، پشاور جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڻهن پنهنجن گهرن جا دروازا سوات جي ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيا. ڪجهه ئي مهينن ۾ سوات جي ماڻهن جي واپسي ممڪن ٿي. منگوره ۾ جشن جو منظر هو پر هنڌ هنڌ تي سيڪيورٽي فورسز جون چوڪيون، جهڙتيون. ڪبل، مٽا، بحرين، ڪالام کان منگوره ۾ داخل ٿيڻ ۾ سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو ٿي پيو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار. سوات جي ماڻهن کي گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ٿيڻ شروع ٿي، کين ائين لڳو ته پهرين طالبان ۽ هاڻي هنڌ هنڌ تي سيڪيورٽي اهلڪار. هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ هو ته واديءَ جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي ضروري آهي، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ مقامي ماڻهن جي شڪايتن ۽ مطالبن کان ڪئين سال پوءِ سوات جا سيڪيورٽي انتظام خيبرپختونخوا ۽ مقامي انتظاميه جي حوالي ڪيا ويا. سوات واديءَ ۾ زندگيءَ جون رونقون، اڻپوريون ئي سهي، موٽندي نظر آيون پر مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ته شايد دُک ۽ درد جا داستان سوات وادي جي وجود سان هميشه سلهاڙجي ويا آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات سوات جي واليءَ جي خاندان سان تعلق رکندڙ سماجي ۽ سياسي شخصيت مسرت احمد زيب سان ٿي. هوءَ هڪ غير سرڪاري تنظيم جي ذريعي، طالبان جي هٿان مارجي ويلن جي بيواهن جي مدد ڪندي هئي. اهي عورتون ڪپڙن تي رنگ برنگي ڌاڳي ۽ سوئي سان ڀرت ڀرينديون هيون. مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اهي پنهنجي ۽ پنهنجي واديءَ جي زخميل زندگيءَ ۾ ٻيهر رنگ ڀرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.

ڪئين سال ۽ مهينا گذري ويا پر جڏهن کان افغانستان ۾ طالبان جي واپسي ٿي ۽ انهن ڪابل جون واڳون سنڀاليون، سوات جي ماڻهن کي وري خوف ۽ وسوسن گهيري ورتو آهي ۽ ڇو نه اهي خوف ۾ وڪوڙجن! انهن رهواسين جي واديءَ تي ظلم ڪندڙ پاڪستاني طالبان يا ٽي ٽي پي کي افغان طالبان جو “ڀائي پنٿ” ئي سمجهيو ويندو آهي.

هيڏانهن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي انهن طالبان سان ڳالهه ٻولهه جون ڪوششون، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض طرفان انهن ڳالهين ۾ اڳيان اڳيان هجڻ، سندس هڪڙو پير ڪابل ۾ ته ٻيو پير پشاور ۾. انهن ڳالهين ۾ خيبرپختونخوا حڪومت ۽ قبائلي معززين به شامل هئا. ان دوران سوات ۾ هزارين مقامي ماڻهن جو انهن مذاڪرات خلاف احتجاج. انهن رهواسين جو چوڻ هو ته سوات ۾ طالبان جي واپسي ٿي رهي آهي. “غير فعال” پاليسين تي تنقيد شروع  ٿي. پوءِ اوچتو پاڪستان طالبان سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. طالبان جي حملن ۾ تيزي اچي وئي، ڌماڪن ۽ دهشتگرد حملن ۾ سيڪيورٽي پوليس اهلڪار ۽ عام شهري مارجي ويا. هاڻي طالبان خلاف “انٽيليجينس” بنياد تي آپريشن جاري آهي. ان صورتحال جي تناظر ۾ سوات جا رهواسي اعصابي دٻاءَ جو شڪار آهن. خوف جو اتي واسو آهي ته ڪٿي طالبان جا ظالم پاڇا ان واديءَ ۾ مستقل آکيرا ٺاهي رهي نه پون. جيڪڏهن آپريشن ٿيو ته پوءِ انهن کي پنهنجي واديءَ کي مجبورن ڇڏڻو نه پئجي وڃي.

مونکي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن منگوره شهر ۾ هڪ بزرگ پنهنجي وارتا ٻڌائي هئي، سندس چوڻ هو ته:

“مون پنهنجي واديءَ کي تباهه ۽ برباد ٿيندي ڏٺو. منهنجو ڪاروبار تباهه ٿيو. مون پنهنجي دوست جي پٽ جو جنازو پنهنجي پوڙهن ڪُلهن تي کنيو، جيڪو طالبان جي هٿان مارجي ويو هو. اهو سڀ ڪجهه آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان….. پر جيڪو اعصابي ڏک لڏپلاڻ دوران برداشت ڪيم، اهو بيان ڪري نٿو سگهان. هاڻي دعا ۽ خواهش اها آهي ته طالبان ڪڏهن به نه موٽن ۽ نه ئي وري ڪڏهن اسان کي پنهنجي وادي ڇڏڻي پوي.”

”….. جڏهن اسان واديءَ ۾ واپس آياسين ته اسان دوستن وڏڙن جي قبرن تي وڃي اهو وچن ڪيو هو ته جيڪڏهن طالبان جي واپسي ٿي ته اسان مزاحمت ڪنداسين، پنهنجي وادي ڇڏڻ بدران واديءَ ۾ جان ڏيڻ پسند ڪنداسين.“