گمبٽ (ن پ ا) سوڀوديرو جي رھواسڻ 14 ورھين جي نينگري مسڪان گھر اڻبڻت تان مائٽن سان ڪاوڙجي ڪوئا مار دوا پي ڇڏي. راضيديرو ۾ نوجوان برڪت علي گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي ڇڏي. الڳ الڳ آپگھات جي ڪوشش ڪندڙ نينگري ۽ نوجوان کي سندن وارثن کڻائي گمبٽ گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر پھچايو، جتي ٻنھي کي بروقت علاج ڏنو ويو. ڊاڪٽرن موجب ته علاج ملڻ بعد نينگري ۽ نوجوان جي طبيعت سڌرندڙ آهي.