سول اسپتال جو پوسٽ مارٽم!

0
566

اهو شهر جتي جواني ۽ ٻالڪپڻ گذريو هجي. انهي شهر لاءِ اهو لکندي به دل ڏکي ٿي ته، ٽنڊو الهيار ۾ انتظامي ۽ سياسي بدانتظامي جو گند هاڻي ڌپ ڪري رهيو آهي پر، حالتن جي جبر ڪري اهو لکڻ مجبوري آهي. ٽنڊو الهيار جي سول اسپتال جو “انتظامي ٺيڪو”هن وقت مقامي طور تي پاڻ کي “رئيس وڏي” جو خاص ماڻهو چورائيندڙ همراهه وٽ آهي. مذڪوره صاحب جي مرضي تي هلندڙ سول اسپتال ۾ وري ڪرپشن ۽ بدانتظامي جو حال اهو آهي جو زندگي جي ذليل گهڙين کان تنگ اچي خودڪشي ڪندڙن جي پوسٽ مارٽم لاءِ به اسپتال جو عملو وارثن کان في لاش جي حساب سان چار هزار رپيا گهري ٿو. تازوئي 29 سيپٽمبر 2021ع تي مريد موري ڀرسان ڳوٺ دريا خان لنڊ ۾ رهندڙ هڪ ئي گهر جي ٻن غريب عورتن ۽ هڪ مرد خودڪشي ڪئي، جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چمبڙ پوليس سول اسپتال ٽنڊوالهيار کڻائي پهتي ته پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال جي عملي في لاش چار هزار رپيا گهريا. غريب ڪولهين وٽ پئسا نه هئڻ جي صورت ۾ اسپتال جي عملي پوليس کي بدلي ۾ ميڊيڪل اسٽور تان سامان وٺي اچڻ جو چيو، جنهن جو اعتراف سول اسپتال ٽنڊو الهيار جو ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او ٽنڊو الهيار به ڪري چڪا آهن.

 ٽنڊو الهيار جي سرڪاري اسپتال “رئيس وڏي” جي ماڻهن جي مهربانين سان بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو هڪ مثالي نمونو بڻجي پئي آهي. غريب مريضن تي ته ٺهيو پر اسپتال عملو لاشن تي به رحم نٿو ڪري. هڪڙن ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن اسپتال انتظاميا تي “رئيس وڏي” جي مئنيجرن جا خرچ پکي جا بار وڌي ويندا ته پوءِ لازمي آهي اهو ئي ٿيندو، جيڪو ننگرپارڪر مان مريد موري هارپي ڪرڻ لاءِ لڏي آيل غريب ڪولهين جي لاشن سان ٿيو آهي. چون ٿا ته سنڌ ۾ انساني حقن جو کاتو به ننگرپارڪر سان تعلق رکندڙ وڏي وزير جي خاص معاون هڪ ڪولهي وٽ آهي. اهو في الحال “فردي غربت” گهٽائڻ جي پروگرام ۾ مصروف عمل آهي. بيحسي جي وڏي انتها اها آهي جو ٽنڊو الهيار جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي نڪ هيٺان ٿيندڙ انهي مثالي بدانتظامي جي کين ڪا خبر ئي ناهي. خاندانن ۽ سياسي هائوسن جا خرچ سنڌ ۾ سول اسپتالن جي بجيٽ مان ڪيئن ٿا هلن، انهي جو هڪڙو ننڍڙو حوالو ٽنڊو الهيار جي سول اسپتال آهي.

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو هجي ته ٽنڊي الهيار جي سول اسپتال جي عملي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻي ايندڙ وارثن يا پوليس کان سامان عرف خرچ جا پئسا گهريا. هاڻي سول اسپتال جي ايم ايس، ٽنڊو الهيار جي ڊي ايڇ او ۽ اسپتال جي عملي هتي معمول ڪري ڇڏيو آهي. بلڪل ايئن ئي جيئن روينيو کاتي ۾ ڪا لکت ڪرائڻ لاءِ “مٿئين فيس” سنڌ سڄي ۾ شهري سرڪاري فيس سمجهي ڀريندا آهن. تپيدار، مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊويزنل ڪمشنر انهي “مٿئين فيس” جي مليل پئسن مان وري پوءِ خير خيرات ڪندا آهن ۽ غريب غربي جي مدد ڪري سنگت ساٿ ۽ راڄ ۾ پنهنجو “غريب دوستي” وارو تعارف به جوڙيندا آهن.

سنڌ جي حڪمران ڌر پيپلز پارٽي جي قيادت جي اولاد جا ووٽ به ٽنڊو الهيار ۾ داخل ٿيل آهن. “رئيس وڏي” کان وٺي “اديءَ” ۽ ٻيا بااثر به ٽنڊو الهيار ايترو ئي ايندا ويندا آهن، جيترو نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي سندن اچ وڃ رهندي آهي. انهي ضلعي جي سول اسپتال جو اهو حال آهي ته باقي کاتن جو ڇا حشر هوندو؟! پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ملڻ، بهتر روڊ رستن جا خواب ڏسڻ ۽ صفائي سٿرائي جون ڳالهيون ڪرڻ جو ته ٽنڊو الهيار واسي تصور به نٿا ڪري سگهن. چار آڪٽوبر تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٽنڊو الهيار ۾ وڏي وزير جا ٻه خاص معاون کلي ڪچهري ڪري شڪايتن ۽ مسئلن جا ڍير ٻڌي ويا آهن، انهن مان به ڪنهن جي يادگيري ۾ ٽنڊو الهيار جي سول اسپتال وارو هي معاملو نه آيو. شايد ان ڪري جو اسپتال جي انتظامي ٺيڪيداري “رئيس وڏي” جي خاص سمجهئي ويندڙ همراهه وٽ آهي.

ڇا ٽنڊو الهيار ۾ ڪو اهڙو سياسي هائوس ڪونهي جيڪو سول اسپتال جي انتظاميا کي لاشن تي رحم کائڻ جي اپيل ڪري سگهي؟ ڪو وقت هو جو ٽنڊو الهيار ۾ ڪامورا وڏي بچاڻي کان لهرائيندا هئا پر انهي جي سياست جو به سج لهي ويو آهي. اهو پاڻ پارٽي اندر بقا جي جنگ ۾ مصروف آهي. ٽنڊو الهيار جي سول اسپتال کي “رئيس وڏي” جي همراهه چمبڙ جي مال پڙي سمجهي خرچ هلائڻ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. اسپتال جو ايم ايس ۽ اڪاوئنٽس جا معاملا هلائيندڙ آفيسر ڄڻ ته “رئيس وڏي” جي مئنيجر جي منظوري سان مقرر ٿين ٿا، مقرري بعد جيڪو ايم ايس ۽ اڪائونٽنٽ مئينجر صاحب سان “تعاون” نٿو ڪري، اهو بدلي ٿيو وڃي يا اسپتال ۾ انهي خلاف ماحول جوڙي ڪو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ٿو وڃي. اکيون پوري ويٺل ٽنڊو الهيار جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان شهري صحتمند زندگي ۽ رهڻ جون سهولتون ته نٿا گهرن پر گهٽ ۾ گهٽ لاشن جي پوسٽ مارٽم ۽ مريضن کي هڪ اسپتال کان ٻئي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس جي سرڪاري خدمت ته لهڻن ٿا.

مڙهه ننگرپارڪر کڻي وڃڻ لاءِ غريب ڪولهين مزدا گاڏي ڪرائي تي ڪيئن اوڌرون کڻي ڪرائي؟! پريشاني جي عالم ۾ ڪيئن سول اسپتال ۾ گهمندا رهيا؟! اهي درد جون تصويرون بچاڻي، پتافي، رضوي ۽ مري هائوس تائين ڪيئن پهچائجن؟ “قبر سڪڻ کان اڳ وارثن وٽ عذر خواهي لاءِ پهچنداسين” جي نعري سان سياست ڪندڙ ٽنڊو الهيار جي چونڊيل نمائندن کي ٿورو وقت زندهه ماڻهن جي سار لهڻ لاءِ به پنهنجي واندڪائي مان ڪڍڻ گهرجي. شادي جي دعوتن، جنازي نمازن ۽ عذرخواهين تي اچي مڻن جي حساب سان فوٽو ڪڍرائي فيس بڪ تي رکرائڻ واري سندن عظيم قرباني ڀلي ڳالهه آهي پر پنهنجي تر، تڪ ۽ شهر جي ماڻهن جا جيڪي روزاني جا مسئلا آهن، انهن جي حل لاءِ به کين قدم نه ئي سهي پر وک ضرور وڌائڻ گهرجي.