ريگستاني پورهيت ۽ راجسٿان جي ترقي جو ماڊل

0
217

ريگستاني پورھيت ۽ پيڙھيل طبقي ۾ وڌندڙ خودڪشين واري رجحان تي پهرين حصي ۾ پيش ڪيل تجزيئي جي نقطه نگاھه کان راجسٿان پرڳڻي جي گذريل ٻه، ٽي ڏھاڪن واري مجموعي ترقياتي پروگرامن جومختصر جائزو وٺڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته ڪافي حوالن کان ھتي ھلندڙ سماجي ترقياتي پروگرامن کي ھر ممڪن حد تائين ان ريت ڊزائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته جيئن جديد ترقي ڪارڻ پيڙھيل طبقن جي زندگين تي پوندڙ امڪاني ھاڃيڪار ۽ انتشاري اثرن کان جيترو ٿي سگھي کين بچائي سگھجي. انھي سلسلي ۾ انھن چند اھم اپائن جو مختصرن تذڪرو ھيٺ پيش ڪجي ٿو جيڪي يقينن ريگستان جي پيڙھيل طبقن ۾ وڌندڙ خودڪشين جي ناسور کي روڪڻ لاءِ ڪنھن حد تائين پھا طور تسليم ڪيا وڃن ٿا.

                 + گراميڻ گورَو پٿ اسڪيم؛ جنھن ۾ پنچائتن جي سڀني ڳوٺاڻن علائقن ۽ اتان جي زرعي توڙي ٻي مارڪيٽ جي مکيه ماڳن کي روڊن جي نيٽورڪ سان ڳنڍڻ آھي

+ سياحت کي هٿي ڏيندڙ اسڪيمون جن ۾ مقامي پيڙھيل طبقن جي روزگار کي ترجيح بنيادن تي يقيني بنائڻ آھي

+ ھٿ جي ھنر، مال مويشي ۽ ڊيري، جر جي پاڻي تي ٿيندڙ ريگستاني زراعت توڙي ٿر جي نامياتي زرعي ۽ جھنگلي اپت  سميت ھر مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ جنھن ۾ مقامي ڪاريگرن، مالوندن، ھارين ۽ پورھيتن جي روزگار کي ترجيح بنيادن تي ھٿي ڏيارڻ جون مختلف جامع اسڪيمون شامل آھن. ھر قسم جي انھي ڳوٺاڻي صنعت لاءِ پاڻي اھميت رکي ٿو انھي ڪري مٺو پاڻي اڪثر ريگستاني ڳوٺن ۾ نھر ذريعي پھچائڻ توڙي برساتي پاڻي جمع ڪرڻ ۽ جر ريچارج ڪرڻ کي وڏي اھميت ڏني وئي آھي جنھن ۾ پڻ پيڙھيل طبقي کي ڪنھن ريت به نظرانداز نه ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڏٺي وڃي ٿي

+ ڪوئلو، تيل، پٿر، لوڻ، چن جو پٿر، اڇي مٽي توڙي ٻين ھر قسم جي معدنياتي وسيلن جي ٻاھرين وڪري تي مقامي رائلٽي ۽ پيڙھيل پورھيتن لاءِ روزگاز کي يقيني بنائڻ شامل آھي

+ آڱڻواڙي اسڪيم ذريعي ھر ڳوٺ جي سڀني ڳورھارين عورتن ۽ ننڍن ٻارن کي ھميشه جي بنياد تي روزانو کاڌو کارائڻ توڙي نيوٽريشن سپليمينٽس ڏيڻ شامل آھي

+ پنچائتي نظام سان گڏوگڏ ھر مٿئين سطح تي مناسب سياسي نمائندگي ڏيڻ توڙي اسڪالرشپس ۽ وظيفن وسيلي پيڙھيل طبقن جي ٻارن خاص ڪري نياڻين کي ھر طرح جي تعليم تائين رسائي ۾ مدد ڏيڻ سان گڏ ننڍين وڏين سرڪاري ملازمتن ۾ طئي ٿيل رزرويشن آڌار اھو يقيني بنائڻ ته صدين کان پيڙھيل طبقا پنھنجي پسماندگي ڪارڻ ڪٿي به سماجي ڌارا کان ٻاھر نه رھجي وڃن

+ قانوني سطح تي پڻ صدين کان پيڙھيل سماجي طبقن (شيڊيول ڪاسٽس ۽ شيڊول ٽرائيبس) جي تحفظ لاءِ الڳ قانون جو ھجڻ جيئن ھن ڪمزور ۽ پيڙھيل طبقي سان جيڪڏھن ڪير ڪو ناانصافي ڪري ٿو ته انھي مجرم کي انھي الڳ قانون تحت سزا ڏيئي مظلوم کي انصاف ڏنو وڃي ۽ اھو ئي سبب آھي جو ھرڪو پيڙھيل طبقي کان ھر ممڪن حد تائين پيو لنوائيندو آھي ته متان ڪو ايسي ايسٽي ايڪٽ ۾ مقدمو ٿئي ۽ پوءِ جان ڇٽڻ ڏکي ٿي پوي.

+ صحت خاطر سينٽرل توڙي اسٽيٽ سرڪارن طرفان غريبن لاءِ ڪافي اسڪيمون مقرر ٿيل آھن جن ۾ ھيلٿ انشورنس ذريعي علاج ٿيڻ يا وري ھڪ مخصوص پيڙھيل طبقي لاءِ سڌوسنئون فري يا ڪجھه حالتن ۾ ويتر ڪمپنسيشنس وغيره ڏيڻ (جيئن ڳورھارين عورتن کي ڊليوري وقت 5 ڪلو نج گيھه سميت ٻيون مخصوص ٿيل مراعتون ڏيڻ) شامل آھي. انھي کانسواءِ خاص طور تي فيملي پلاننگ، ويڪسينيشن سپورٽ، فري ايمرجنسي موبائل وين سپورٽ توڙي علاج معالج لاءِ ٻيون گھربل سھولتون شامل آھن انھي ڪري صحت جي خرچن جو بار غريب تان يقينن ڪافي ھلڪو ٿيو وڃي.

+ غريب بزرگ شھرين ۽ بيواھن وغيره لاءِ ماھوار پينشن ڏيڻ جي اسڪيم ۽ جن بزرگن کي پينشن نه ٿي ملي تن کي 10 ڪلو اناج ڏيڻ واري ھڪ ٻئي اسڪيم ذريعي به مدد ڪئي وڃي ٿي. انھي کان سواءِ نياڻين جي غريب والدين کي نياڻين جي ڄمڻ توڙي شادي ڪرائڻ وقت روڪ رقم ذريعي مدد ڪرڻ جون اسڪيمون پڻ آھن. ساڳي ريت عورتن لاءِ مخصوص اسڪيمون پڻ آھن جن ۾ نياڻين جي ننڍي عمر ۾ شادي نه ٿيڻ کي يقيني بنائڻ، عورتن کي گھرن ۾ پاڻڀرو بنائڻ لاءِ ڀاماشا ڪارڊ اسڪيم يا عورتن کي تشدد کان بچائڻ ۽ انصاف ڏيڻ جون اسڪيمون شامل آھن جنھن ۾ سماج پاران عورت کي ڪمزور سمجھي زيادتيون ڪرڻ واري رجحان کي گھٽائڻ جي ڪوشش شامل آھي. انھي کان علاوه معذورن لاءِ سھائتا واريون اسڪيمون ۽ يتيم ٻارن کي پالڻ لاءِ ماھوار روڪ رقم ڏيڻ جھڙيون اسڪيمون پڻ غريبن جي مدد لاءِ ٺيڪ آھن.

+  غريب طبقي لاءِ آسان طريقي سان پنھنجي گھر ٺاھڻ تائين رسائي واريون سينٽرل سرڪار توڙي اسٽيٽ سرڪار جون مختلف اسڪيمون يا وري گھرن جون سندون ڏيڻ جي اسڪيم جنھن ۾ غريبن کي پنھنجي نالي جا پلاٽ ملن ٿا جن تي وري ھو غريبن لاءِ جوڙيل مختلف ننڍن قرضن وارين اسڪيمن ذريعي روزگار يا ٻين بنيادي ضرورتن لاءِ سستا ۽ آسان قرض کڻي سگھن ٿا. ساڳي ريت ھر ننڍي وڏي شھر ۾ شيلٽر اسڪيمون به آھن جنھن ۾ ھر ھڪ لک جي آبادي تي ھڪ سيڪڙو ماڻھن کي بيگھر تصور ڪندي انھن جي رھڻ لاءِ مفت ۾ رھائشي شيلٽر ھومس جو بندوبست ٿيل آھي.

+  ”نياءِ آپ ڪي دوار اسڪيم“ ۾ غريب ڳوٺاڻن پاران زميني معاملن ۾ جيڪي اڻبڻتون ۽ جھيڙا ٿيندا آھن تن کي لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن پاران ڳوٺاڻن جي دروازي تي ڪيمپون لڳائي محبت ۾ معاملا سلجھائي انصاف ڏيڻ شامل آھي ته جيئن غريبن جو زميني جھڳڙن ڪارڻ ٿيندڙ معاشي توڙي ذھني اذيتن وارو نقصان گھٽ کان گھٽ ٿئي.

+ غريبن لاءِ فني مھارتن واريون سکيائون ڏيڻ ۽ روزگار ڏيڻ واريون مختلف اسڪيمون پڻ آھن.

+ نريگا اسڪيم تحت ساليانو غريب ڳوٺاڻن کي برساتي پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ترايون کوٽڻ يا ٽانڪا ٺاھڻ جھڙين مختلف ترقياتي اسڪيمن تي ڏھاڙي مزدوري ڏني وڃي ٿي جنھن سان ھڪ طرف غريبن کي روزگار ملي ٿو ۽ ٻئي طرف ڳوٺاڻو گھربل انفرااسٽرڪچر پڻ جڙي راس ٿئي ٿو جيڪو پڻ اڳتي ھلي غريب ڳوٺاڻي جي اھنجن کي گھٽائي ٿو.

+ غريب ھارين لاءِ کيتي ٻاڙي واسطي ٻج، پاڻي مھيا ڪرڻ جي مختلف اسڪيمن سميت فصلن جي لھڻ ۽ مارڪيٽ تائين پھچائڻ  وغيره خاطر وس آھر مدد مھيا ڪرڻ جون قرض توڙي ٻيون سھائتا واريون اسڪيمون پڻ آھن.

+ گھٽ ترقي يافته، ڏورانھن ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ اتان جي غريب عوام جي سھائتا لاءِ اسپيشل ترقياتي اسڪيمون پڻ آھن.

+ غريب گھراڻن جي روزگار کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ننڍن ۽ سستن قرضن ڏيڻ توڙي ڪوآپريٽوز ذريعي روزگار ۽ ننڍن ڌنڌن ۾ سھائتا جي مختلف سرڪاري اسڪيمن ذريعي مدد مھيا ڪرڻ شامل آھي.

+ غريب خاندانن لاءِ اناج، گيس توڙي ٻين بنيادي ضرورت جي شين تي سبسڊي جو فائدو ڏيڻ واريون اسڪيمون توڙي ننڍن وڏن شھرن ۾ ”اندرا رسوئي جي اسڪيم“ جنھن ۾ صرف 8 رپين ۾ غريبن کي بھترين ماني کارائڻ کي ممڪن بڻايو ويو آھي.

+ دينديال اُپاديه آدرش گراميڻ يوجنا جنھن تحت سڀني ڳوٺن کي تمام بنيادي سھولتون ڏيئي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن کي سھولتن جي فقدان ۽ محرومين کان بچائڻ آھي.

+ غريب پريوارن جي ڪمائيندڙ فردن جي موت تي ضرورتمند سوڳوار پريوار کي مالي سھائتا جو پيڪيج ڏيڻ واري راشٽريئه پريوار يوجنا پڻ آھي.

مٿي ذڪر ڪيل مڙني ترقياتي پروگرامن کانسوا‏ءِ ڪجھه ٻيون رٿائون به ٿي سگھن ٿيون جيڪي ھتي ذڪر ڪرڻ کان رھجي پڻ سگھن ٿيون پر انھي سڀڪجھه ھئڻ جي باوجود اڄ به ريگستاني غريب ۽ پيڙھيل طبقو راجسٿان ۾ اڃان پڻ وڏي پيماني تي لاچاري جي زندگي گھارڻ تي مجبور ڏٺو وڃي ٿو انھي ڪري خودڪشين جھڙا انساني الميا اڄ پڻ روزانو بنيادن تي ريگستاني پورھيت پيڙھيل طبقي جو نصيب بڻيل آھن ۽ يقينن انھي ريگستاني پيڙھيل پورھيت طبقي سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڊگھي تاريخ وارن زخمن تي پھا رکڻ واري ھن شروعات جي آخري منزل اڃان گھڻي اڳڀري آھي.