سوشل ميڊيا هر محاذ لاءِ ڪارائتو هٿيار

0
119
سياستدان ايڏا ڪمزور ۽ مجبور ڇو آھن؟

  جڏھن کان ملڪي سياست ۾ سوشل ميڊيا جي انٽري ٿي آهي  تڏھن کان روز نت نوان اسڪينڊل منظر عام تي ايندا پيا وڃن.ڪجهھ وقت اڳ گهڻن پارٽين جا ويڙھاڪ جٿا مشھور هوندا هئا پر هاڻي ان جي جاءِ تي سوشل ميڊيا جي تربيت يافته ٽولي اچي اهو محاذ سنڀاليو  آھي. ڪجھه سالن کان وٺي اهو ڏٺو ويو آھي ته مختلف پارٽيون باقاعدا پنهنجي نوجوانن جي تربيت ۽ سيمينار ڪنديون رهيون آھن.

انسان وقت جي ڦيري سان گڏ سلوڪ جون منزلون طئي ڪندو رهيو آھي. ارتقائي مرحلي ۾ انسان انگ اگهاڙو ۽ هڪ تڙيل مخلوق هو پر آھستي آھستي بهتر کان بهترين پوشاڪ ڍڪي پنهنجي زيب و زينت ۾ ڪمي جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيو. اهو ساڳيو ئي انسان جنهن کي خالق بي گهر ڪري هن ڌرتي تي لاٿو تنهن وقت سان گڏ پنهنجي عقل و فهم جو اهڙو ته سٺو استعمال ڪيو جو اڄ بري، بحري و آفاقي آفتن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ لاجواب ۽ پُر آسائش گهرن کي پنهنجو مسڪن بڻايو.  فاصلن کي مٽائڻ لاءِ  به ان ساڳئي انسان وسان ڪين گهٽايو. زميني تيز رفتاري کان وٺي آسمان تي آساني سان اُڏامڻ سندن ذھني وسعت جي بهترين مثال آھي. وسيلن  کي ڳولي لهڻ وري انهن جو مثبت استعمال  انساني حرفت جو بهترين ڪمال آھي.

چوندا آھن ته رابطن سان رشتا مضبوط ٿيندا آھن. سو انسان به پنهنجي رشتن جي مضبوطي لاءِ رابطن جي هر ذريعي کي زنده و جاويد رکڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. اڳ رابطا صرف فرد واحد يا ڪنهن  ڏٺل وائٺل انسان سان ڪيا ويندا هئا. اهي سنيها يا نظريه فقط متعلقه ماڻھن تائين بلڪل رازداري سان پهچايا ويندا هئا پر اڄ جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا وسيلي پنهنجي مذھب، ٻولي،ثقافت ۽ نظرين کان هٽي ڪري ڌارين سان پنهنجي سوچ جي ونڊ ڪئي وڃي ٿي. نتيجي طور تنقيد يا حمايت جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ گهڻي تنقيد ۽ حمايت جو انساني روين تي گهرو اثر محسوس ڪيو ويندو آھي.

سوشل ميڊيا جي اهميت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو جو جهرجهنگ ۾ رهندڙ عام ماڻھو کان وٺي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ رهندڙ انسان ان جو گهڻي ڀاڱي استعمال ڪري ٿو. هن وقت دنيا جي سياست يا سازش تي نظر گهمائينداسين ته سوشل ميڊيا هڪ ڪارائتي هٿيار طور هر محاذ تي نظر ايندو. پنهنجي موقف جي حمايت يا مخالفن جي مخالفت ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا جا ماهر هر وقت سندرو ٻڌي ميدان۾ ڪوڏن وانگر ڪڏي پون ٿا. بيانيي جي مضبوطي لاءِ ميڊيا سان سوشل ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن وقت جي سياسي وايو منڊل کي ڏسجي ته سياسي بيانيي جي تشهير لاءِ سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالھه آھي جو ان بيانيي ۾ سچ يا ڪوڙ ڪيترو شامل هجي ٿو؟ اڄ ڪلھه جي آڊيو ويڊيو ليڪس جي ڪري ملڪ ۾ ٻڙڌڪ متل آھي. جيڪڏھن ڏسجي ته ان ممڻ مچائڻ پويان سوشل ميڊيا جو تمام گهڻو هٿ آھي. ڪجھه سازشي ماڻھو ته سوشل ميڊيا تي مذھب جو به ايڏو  غلط استعمال ڪن ٿا جو ڪڏھن ڪڏھن گهر ۾ خاموشي ويهڻ ڪفر لڳندو آھي خاص طور مخالف مذھب يا فرقي کي ظالم ۽ غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو وڃي ٿو. ڪجھه وقت اڳ مون هڪ وڊيو ڏٺي جنهن ۾ ٻارن ۽ مرد ۽ عورتن جو اهڙو ته خطرناڪ ميڪ اپ ڪيل هو جو سچ ۾ سندن جسم چچريل لاشن وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيا. اڄ ڪلھه دنيا ۾ ظالم ۽ مظلوم جو فيصلو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا وسيلي ڪيو پيو وڃي. جنهن وٽ ميڊيا ايڪٽوسٽ گهڻا آھن اهو ظالم به پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري وڃي ٿو.

سياستدانن ته پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ پنهنجون ميڊيا ٽيمون جوڙي رکيون آھن سندن ڪم ئي مخالفن جي راند ۾ ڪنڊا وڇائڻ آھي هر ڳالھه تي تنقيد ۽ مخالفت جا اهڙا ته نشتر ٿا هڻن جو سچي ڳالھه به ڪوڙي محسوس ٿئي ٿي.شام جو روز اهو تماشو لڳايو ويندو آھي جنهن ۾ ڪجھه Paid صحافي يا يو ٽيوب جا همراهه خوب وڪالت ڪندي ڏٺا وڃن ٿا. سوشل ميڊيا ذريعي زبردستي پنهنجو موقف مڃائڻ جي  تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جيڪڏھن ڪو فرد ان موقف جي مخالفت ڪري ٿو ته اخلاق جون سڀ حدون اورانگهي اهي معززايڪٽوسٽ گارگند تي لهي اچن ٿا. ان ڪري شريف ماڻهو پنهنجي عزت نفس کي ذليل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪن ٿا.دنيا سطح تي جيڪو ڪجھه ٿئي ٿو سو ته ٺھيو پر سوشل ميڊيا مقامي سطح تي هڪ خطرناڪ هٿيار جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي. مقامي شخصيتون، سماجي ورڪر، اسڪول،اسپتالون ۽ ٿاڻا سوشل ميڊيا جي نشاني تي اچي ويا آھن. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ پروپئگينڊا يا اشو جي وائرل ٿيڻ جو تعلق گهڻي لائيڪ (Like ) يا ڪمنٽ (Coments) تي هجي ٿو. دوستي دشمني جو محور مٿي ذڪر ڪيل عمل جي چوگرد گهمي ٿو. جيڪو شخص توهان جي سوچ کي پسند ڪندو.اهو واهه واهه ڪندي  سڄڻ ليکبو جيڪو مخالفت ڪندو ان کي وري چمچو ۽ چاپلوس چيو ويندو آھي ڇو ته اسان وٽ چمچي چاپلوس ۽ خوشامدي جو پيمانو راءِ سان متفق نه هجڻ آھي.

مقامي سطح تي گفتار جا غازي جنهن کي چاهين هيرو بڻائن جنهن کي چاهين زيرو بڻائين ڪير پڇڻ وارو ناهي ؟ نتيجو اهو نڪري ٿو ته چڱن جي چڱائي به مشڪوڪ لڳي ٿي ته شودن جي شرارت به واهه واهه جي شور ۾ لڪي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا وسيلي سٺا تعلق به خراب ٿين ٿا. نفرتن جي بازار ۾ بغض ۽ ڪيني جو ساز و  سامان آساني سان دستياب ٿئي ٿو. سوشل ميڊيا جتي ماڻھن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو آھي جتي پري جي عزيزن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي اچي هڪ ٻئي جي سامهون ويهاريو آھي اتي اجائن افواهن نفرتن ڪري ويڇا به وڌيا آھن. ان ڪري اسان کي گهرجي ته ڪوڙن افواهن کان پاسو ڪري هن جديد ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال ڪيون ته جيئن نفرتن کي شڪست ڏيون. مهانگائي جي ڪري انسان جون بنيادي  ضرورتون پوريون نه پيون ٿين ان ڪري روين ۾ تبديلي اچي وئي آھي ويتر سوشل ميڊيا تي پنهنجي پسند جون پوسٽون نه ٿيون ڏسجن ته روين ۾ خودبخود تلخي پيدا ٿئي ٿي. جيڪڏھن هر فرد پنهنجي پر ۾ سوشل ميڊيا تي ڪنهن کي ڏکائڻ کان پاسو ڪري ته مقامي سطح جا تمام گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

[email protected]