راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر آديش جي بازيابي لاءِ جسقم پاران ھنيل ڌرڻو ختم

0
147
راڻيپور مان اغوا ٿيل

راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور مان اغوا ٿيل نينگر آديش ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ جسقم پاران قومي شاهراهه تي لڳايل ڌرڻو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو

 ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين ڌرڻي واري هنڌ ٻيهر پهچي نينگر آديش کي 5ڏينهن ۾ بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، ان کان مظاهرين ايس ايس پي خيرپور کي موٽائي ڇڏيو هو

 ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن پاران نينگر آديش کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو آهي، 5 ڏينهن ۾ بازيابي عمل ۾ نه آندي وئي ته ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين