سوال/سروي … ٻين صوبن جا ماڻهو به سنڌ جا ڳڻڻ واري پ پ جي قرارداد رد، ان قرارداد سان سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا: عوام

0
29

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٻين صوبن جا ماڻهو به سنڌ جا شهري ڳڻيا وڃن: پ پ سينيٽرن پاران ڊجيٽل آدمشماري بابت سينيٽ  ۾ آندل اهڙي قرارداد کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اهڙي قرارداد کي رد ڪريون ٿا ۽ سنڌ دشمن قرارداد سمجهون ٿا، ان قرارداد سان سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، سنڌ ۾ جيڪي ڌاريا آهن اهي ڳڻجي ويندا ۽ پوءِ مستقل شهري بڻجڻ جا انتظام ٿي ويندا، اهڙي قرارداد واپس ورتي وڃي ۽ آدمشماري ۾ سنڌين جو انگ درست ڳڻيو وڃي، پهريان واري آدمشماري ۾ به سنڌين جو انگ گهٽ ظاهر ڪيو ويو هو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته ڳڻپ نه آهي پرويز مشر ف جي دور ۾ ٿيل ريفرنڊم آهي هي سمورو ڊرامو آهي، منظور علي زرداري لکيو ته پپلزپارٽي ھميشا ڌارين جي سپورٽ ڪندي آهي ووٽن جي لالچ ۾، بشير ميراڻي لکيو ته پ پ سدائين ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي حامي رهي آهي، هنن کي سنڌ مان ووٽ ملن ٿا، ٻين صوبن ۾ پ پ جو ڪو وجود ئي ناهي.،تڏهن سنڌ ۾ ڌارين کي ڳڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. هن کي سنڌ جي شعور رکندڙ ماڻهن رد ڪري ڇڏيو آهي، آدمشماري نه بلڪه هڪ ريفرينڊم چئجي ته بهتر آهي. ذوالفقار راهمون لکيو ته پ پ پ مفادپرست پارٽي آهي، انهئ پارٽي دنيا جا تڙيل ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو سنڌ ۾ رهائش پذير ڪري سنڌ حڪومت سنڌ کي يتيم خانو ٺاهي ڇڏيو آهي، اڄ ڌارين ٽولن کي سنڌ ۾ ڳڻائي سموري سنڌ تي مسلط ڪري رهيا آهن۔اسان سنڌي انهي ڳڻپ کي رجيڪٽ ٿا ڪريون،ڌاري آبادڪاري نامنظور، مراد علي لکيو ته سنڌ ۾ رھندڙ ڌارين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پر جيڪي افغانين جي لوڌ شامل ڪندا انهيَ جو ڇا ٿيندو؟ اسان سنڌين جي آدمشماري گھٽ ڪندا ۽ٻين جي وڌيڪ شمار ڪندا ڌارين جي ڳڻپ سان سنڌي قوم سان وڏو دوکو آهي، سڪندر علي لکيو ته ڌارين جي ڳڻپ سان سنڌي قوم سان وڏو دوکو آهي پيپلزپارٽي هميشه پنهنجي مقصد تائين محدود آهي  سنڌي عوام جي انهن جي پرواهه نه آهي، موهن لال لکيو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي، ٻاهرين لوڌ کي سنڌ ۾ ڳڻڻ سٺو عمل ناهي انهي کي سنڌي قوم رد ڪري ٿي، سليم نظاماڻي لکيو ته ٻين صوبن جا ته پنھنجن صوبن ويٺي به سنڌ ۾ ڳڻجي ويندا آھن، رڳو افغانين کي ڳڻپ کان روڪين ته به ٺيڪ آھي، صاحبزادو لکيو ته اھا ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه نه آهي. ڀلا جيڪا پيپلزپارٽي حڪومت صوبي ۾ خاص ڪري وڏن شهرن ۾ ٻاھران آيل ڌارين کي آباد ڪري . ۽ پوءِ انهن کي جعلي ڊوميسائيل فراهم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ انهن کي ووٽ جي لالچ ڪارڻ عملاً پنھنجو حصي طور ڪئين نه شمار ڪندي؟ امتياز لغاري لکيو ته سنڌ حڪومت پنھنجا راوجي فيصلا ڪندي اچي ھر سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھي آھي جيڪڏھن سنڌ جي آدمشماري شفاف نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾ سنڌي اقليت ۾ اچي ويندا انھن جا روزگار جا معاملا ھجن وسيلا ھجن سنڌين جو مسقبل داءُ تي لڳي ويندو سنڌين کي پنھنجي مدد پاڻ ھمت ڪرڻ گهرجي، امجد حسين مري لکيو ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ شمار ڪرڻ جي ڪوشش آهي. عمران گل سومرو لکيو ته جيترا ڳڻپ ۾ وڌيڪ هوندا اين ايف سي ۾ وڌيڪ حصو ملندو، باقي جيڪو حال سنڌين جو ٿيندو اهو به ڏسندا ، ذاڪر احمد لکيو ته اها قرارداد سنڌ دشمن آهي جيڪا سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪندي ۽ ڌارين جي لوڌ جو اچڻ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته پيپلزپارٽي ھميشه سنڌ ۽ سنڌين جي دشمن رھي آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي سان گھٽ آھي، جنيد زرين بلوچ لکيو ته پيپلزپارٽي تي ڪا معيار ئي ناھي ھو جڏھن وڻين رنگ بدلائي سگھن ٿا، خدا بخش ڪنڀر لکيو ته اھا تمام خطرناڪ قرارداد آھي انھي سان سنڌ جي حقن تي ڌارو لڳندو پوءِ اسانجا وسيلا به ڌارين جي حوالي ٿي ويندا، فياض ڪالادي لکيو ته منهنجي حساب سان اهو صحيح قدم آهي ڇو ته پنجاب جي وڏي آبادي ڏيکاري بجيٽ، ترقياتي منصوبا پنجاب کي وڌيڪ ڏنا وڃن ٿا ننڍن صوبن جو نقصان ٿئي ٿو، عبدالمجيد لکيو ته پ پ اقتدار خاطر اهو سڀ ڪجهه ڪري پئي، شنڪر لال لکيو ته پيپلز پارٽي جو اھڙو فيصلو  سنڌ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ سٺو ثابت ڪونه ٿيندو..حسام نظاماڻي لکيو ته سنڌ دشمن منصوبا آڻي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آھي ۽ ردعمل ۾سنڌي ماڻھو وڏي اڪثريت سان هنن کي ڪامياب ڪري اسيمبلين تائين پهچائيندا آھن، عدنان نصير لکيو ته ان کي اهو ئي سمجهندو جنهن کي 18هين ترميم جي فائدي ۽ نقصان جي ڄاڻ هجي، رميش ڪمار لکيو ته سنڌ ۽ سنڌين سان هڪ ڀيرو وري ويساھ گهاتي ٿئي پئي ساڃاھ وندن کي ان مسئلي تي احتجاج ڪرڻ گھرجي، مسرور عالم لکيو ته ڇا سنڌين کي ٻيا صوبا آدمشماري ۾ شامل ڪندا، سنڌ حڪومت مشڪري ڇڏي صرف سنڌين جي ايمانداري سان آدمشماري ڪرائي، اعجاز علي لکيو ته رڳو سنڌين جي ڳڻپ پوري ڏيکاري وئي ته مھرباني ٿيندي باقي ھنن کي پنھنجي مقامي صوبن ۾ ڳڻيو وڃي، راجا مهر لکيو ته منهنجي حساب سان اھو صحيح قدم آهي ڇو جو وفاق پنجاب جي وڏي آباديءَ ڏيکاري بجيٽ کڻي ٿو سنڌ سميت باقي صوبن سان ناجائزي آهي، حسين آدرش لکيو ته ان قرارداد ذريعي ٿيل ڳڻپ سان ڌاريا سنڌ جا قانوني طور مسقل شھري ٿي ويندا ۽ پاڻ اصلوڪا وارث ڳاڻيٽي ۾ انھن کان گھٽجي وينداسين ۽ آرام سان اقليت جي صورت ۾ اچي وينداسين موجوده آدمشماريءَ ڪرائڻ جو اصل مقصد به اھو ئي آھي. شاهد ڏاهري لکيو ته هنن سنڌ ۽ سنڌي جي عوام جو مذاق اڏايو آهي، محمد فياض وساڻ لکيو ته ڌارين جي ڳڻپ سان سنڌي قوم سان وڏو دوکو آهي اهو عمل قابل مذمت آهي، پليجو وزير به سروي ۾ حصو ورتو، حمير گل راڄپر لکيو ته اها سنڌ ۽ سنڌي قوم سان نا انصافي آهي، رانا محمد اقبال لکيو ته اهو تمام غلط آهي، سردار لطيف لکيو ته حُڪومت جي ڪھڙين ڪھڙين نعمتن کان انڪار ڪندا، ھن وقت سنڌ ۾ غيرقانوني ترسيل افغاني سرعام دھشتگردي ڪن پيا، امتياز جمالي لکيو ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ شمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، علي بخش چوهاڻ لکيو ته اهو سراسر ظلم آهي، اسدالله شاهه لکيو ته سنڌين جو وجود ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته پ پ سدائين اهڙا ڪم ڪيا آهن ماضي ۾ به سنڌ جي آدمشماري جا انگ اکر درست نه ڏيکاريا ويا ھئا ھن ڀيري به پ پ پارٽي مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي ھنن کي رڳو اقتدار کپي، اسان کي خدشا آھن سنڌين جي آبادي گھٽ ڏيکاري ويندي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ويندي، حاجي خان پنهور لکيو ته اهو سراسر سنڌ واسين سان ظلم برابر آهي سنڌ جي وسيلن تي اڳ ئي ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن ويتر سنڌ واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو جيڪا گهري سازش آهي، محمد حسن ٻٻر لکيو ته پ پ اقتار لاءِ اهڙا ڪم ڪري ٿي، الياس سمون لکيو ته پ پ ھميشه سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪيو آهي، قادر بخش زئور لکيو ته سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي، نارائڻ داس لکيو ته وري سنڌ ۾ ڏڦيڙ ڪرايڻ جو فيصلو؟ محمد حنيف لکيو ته پيپلزپارٽي ھميشه سنڌ ڪاز کي نقصان رسايو آهي اسان کي اھڙي آدمشماري قبول ناهي. مسرور شر لکيو ته ڌارين جي ڳڻپ سنڌي قوم سان وڏو دوکو آهي، سيد جلال الدين بخاري ۽ محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اهو بلڪل غلط قدم آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا.