سوال/سروي … مريم نواز عوام لاءِ پروگرام ڏنا، پنجاب کي ٺاهيندي، مراد شاهه رڳو پنهنجون تعريفون ڪيون، سنڌ ساڳئي سورن ۾ رهندي: عوام

0
33

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مريم نواز ۽ مراد علي شاهه جي وڏ وزارت جي پهرين تقرير مان ڪنهن عوامي فائدي جون ڳالهيون ڪيون؟؟؟ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز  ۽ مراد علي شاھ جي تقرير بابت  اوهان ڇا چوندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن مريم نواز جي تقرير بهتر قرار ڏني، سروي ۾ چيو ويو ته مريم نواز عوام لاءِ اعلان ڪيا آهن، مراد علي شاهه کي ٻه ڀيرا آزمائي چڪا آهيون، هن تقرير ۾ رڳو پنهنجو تعريفون ڪيون، مريم نواز پنجاب لاءِ ڪم ڪندي، مراد شاهه مان اميد گهٽ آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته مريم نواز پنهنجي صوبي ۾ رڪارڊ ڪم ڪرائيندي، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه صرف اعلان ڪندو آهي باقي عمل ناهي ٿيندو، سنڌ جي اسپتالن ۾ سرنج به نه ٿي ملي سڄي سنڌ کنڊرات کنڊر بڻجي وئي آهي، هر شيءِ مهانگي آهي، شعيب پيرزادو لکيو ته مريم نواز پنجاب کي بھتر سھولتون ڏيندي، مراد علي شاھ سنڌين جي سورن کي اڃا وڌائيندو، راجا عبدالحفيظ ويسر لکيو ته مراد علي شاھ پھريان به وزير اعليٰ رھندي ڪو ريليف ناهي ڏنو سندس تقرير صرف ڪوڙن دلاسن تي مشتمل آهي ۽ پنجاب ۾ شعور آهي جتان جو عوام پنهنجا حق وٺڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿو وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي تقرير پنجاب جي عوام جي فائدي مند ثابت ٿيندي. غلام شبير لکيو ته مريم نواز جي تقرير حوصلو ڏيندڙ ھئي مريم نواز اھو ڪجھه ڪرڻ چاھي پئي جيڪو عمران خان ماضي ۾ ڪيو خاص طور تي جيڪا عمران نيو جنريشن تيار ڪئي آھي نه ليگ جو خواب آھي اھڙي جنريشن جي تخليق اسان به ڪيون، باقي مراد علي شاھ ۾ ڪابه نواڻ نظر نه آئي، ڇوجو سنڌ ۾ اينٽي سياست نه ھجڻ جيڪري پيپلزپارٽي ڪجھه ڪرڻ جي موڊ ۾ ناھي، بشير خان لکيو ته سڀ مفاد پرست آھن انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، محمد حسين لکيو ته مريم نواز جي تقرير مان ثابت ٿي پيو پنجاب لاءِ گهڻو ڪجهه ڪندي، باقي رهي ڳالهه سنڌ جي هنن جا پنهنجا پيٽ نٿا ڀرجن سنڌ کي وري ڪهڙو فائدو ڏيندا، عوام رڳو نعرا هڻڻ ۾ پورو آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته مراد علي شاھ اسيمبلي ۾ تقرير دوران رڳو پنھنجن جو تعريفون ڪندو رھيو عوامي رليف ڏيڻ جي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وزير اعليٰ سنڌ ٿيو آهي عوام چڱائي جي اميد نه رکي ڇو ته ھن کي اختيار ئي ناھن باقي مريم نواز پنجاب لاءِ گھڻو ڪجھه ڪري سگھي ٿي، نقاش پيرزادو لکيو ته پنجاب نواز شريف ٺاھيو مريم نواز شريف به ٺاھيندي، ڪرپشن اھي ڪندا، پر سنڌ جي وزير اعليٰ ھتي امن ڪونه ٿو ڪري سگھي وڌيڪ ڇا ڪندو خدمت عوام جي .. سيد علي رضا شاهه لکيو ته وزير اعليٰ جي عهدي لاءِ وڏيون وڏيون ڳالهيون ته مريم نواز شريف ۽ سيد مراد علي شاھ ٻنهي ڪيون آهن پر انهن ڳالهين تي عمل ذري برابر به نه ٿيندو، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته مراد علي شاهه جي جيڪا تقرير آھي سا ڪوڙ تي ٻڌل آھي ان تي عمل ڪونه ٿيندو مريم نواز مان اميد ته هو پنجاب لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ ھنن مٿان جيڪو داغ لڳل آھي انھي کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندي، قاري حق نواز لکيو ته مراد علي شاھه پھريان به وزير اعليٰ رھندي ڪو رليف ناهي ڏنو سندس تقرير صرف ڪوڙن دلاسن تي مشتمل آهي ۽ پنجاب ۾ شعور آهي جتان جو عوام پنهنجا حق وٺڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿو وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي تقرير پنجاب جي عوام جي فائديمند ثابت ٿيندي. بشير چانڊيو لکيو ته مريم نواز پنجاب کي بھتر سھولتون ڏيندي، مراد علي شاھه سنڌين جي سورن کي اڃا وڌائيندو، الهداد سرهاڙي  سڀ ڪرپشـن جا بادشاھه آھن،  طارق حسين راڄپر لکيو ته مراد علي شاھه مان ڪو به آسرو نه ڪريو  محبتي مڪيش ڪمار جئپال لکيو ته مريم نواز رڳو پنجاب لاءِ آھي باقعي سنڌ جو وڏو وزير اڳي جهڙا هاڻي به ڪم ڪرائي ڏيکاريندو انهي لاءِ اسان سنڌ جا سنڌي ماڻهون صرف ئي صرف افسوس ڪري ٿا سگهون، ميانداد مري لکيو ته مريم نواز جي تقرير حوصلو ڏيندڙ ھئي مريم نواز اھو ڪجھه ڪرڻ چاھي پئي جيڪو عمران خان ماضي ۾ ڪيو خاص طور تي جيڪا عمران نيو جنريشن تيار ڪئي آھي ن ليگ جو خواب آھي اھڙي جنريشن جي تخليق اسان به ڪيون باقي مراد علي شاھ ۾ ڪابه نواڻ نظر نه آئي، اصغر حسين لکيو ته مراد علي شاهه جي جيڪا تقرير آھي سا ڪوڙ تي ٻڌل آھي ان تي عمل ڪونه ٿيندو، علي احمد لکيو ته مريم نواز جي تقرير حوصلو ڏيندڙ هئي، فقير غلام حسين بوزدار لکيو ته اھي ٻئي عوام جو رت چوسيندا، روشن علي چانڊيو لکيو ته مريم نواز پنجاب کي بھتر سھولتون ڏيندي مراد علي شاھ سنڌين جي سورن کي اڃا وڌائيندو، گل حسن شر لکيو ته مريم نواز صرف ڳالھيون نه ڪيون پر حلف کڻندي ئي آرڊر ڏنو ته سرڪاري اسپتالن ۾دوائون پھچائي مفت مريضن کي ڏنيون وڃن باقي مراد شاهه ته چيو اسان ٻوڏ متاثرن کي گھر ڏنا، گھر شايد خلا ۾ يا چنڊ تي ڏنا اٿن باقي زمين تي ته موجود ناھن، پنجاب باقي صوبن کان اڳتي آھي اھو تعليم جو شعبو ھجي صحت ھجي، اسان وٽ اھا ليڊرشپ ناھي يا ائين کڻي چئجي ته مراد علي شاهه ۽ مريم نواز ۾ ڪو مقابلو ئي ناھي، زمين آسمان جو فرق آھي. ثناءُالله چنا لکيو ته پنجاب ۾ مريم نواز ڪم ڪندي باقي سنڌ جو الله واهي آهي، اياز کهاوڙ لکيو ته ڳالهين تي جيڪر عمل ٿئي ها ته اڄ پاڪستان ڊبل ترقي تي هجي ها.  راجا رميش لکيو ته ڳالهيون سڀ ڀليون ڪيون پر فائدي جو امڪان ناهي، ايم ابراهيم بنگلاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته بس ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي باقي ڳالھيون ته يڪو پيا ٻڌون ته ملڪ پئرس ٿيندو پر اڃا تائين ايئن ٿيو ئي ناهي باقي انھن پنھنجا گھر پئرس جھڙا ڪيا آھن. ثناءُالله مشوري،سينگار علي ، قادر بخش ميمڻ، ممتاز علي سميجو، علي نياز به راءِ ڏني، جي آر چانڊيو لکيو ته سانگهڙ  جا بنيادي مسئلاحل ناهن ٿيا، شاهنواز خان خشڪ،نور علي، صدام لغاري، پرٿوي چوهاڻ،غلام مرتضيٰ ، ايم آچر ڪنڀر، عبدالصمدبه سروي ۾حصوورتو