سوال/سروي شهباز شريف پيٽرول مهانگو ڪري ظلم ڪيو: عمران خلاف دانهون ڪندڙ عوام کي عمران ئي سٺو لڳڻ لڳو

0
142
سوال/سروي شهباز شريف پيٽرول مهانگو ڪري ظلم ڪيو: عمران خلاف دانهون ڪندڙ عوام کي عمران ئي سٺو لڳڻ لڳو

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ 30-30 رپيا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته عمران ذميوار آهي، عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت ذميوار آهي: اوهان ان صورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته شهباز شريف پيٽرول مهانگو ڪري ظلم ڪيو آهي، سروي ۾ عوام عمران خان سان گڏ شهباز شريف کي ذميوار قرار ڏنو، ٻنهي جي حمايت ۾ راءِ جو اظهار به ڪيو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي لکيو ته امپورٽيڊ حڪومت مزدور ڏهاڙيدار تي وار ڪيو آهي. ڪڏهن اچن نه لعلورائنڪ کان لاڙڪاڻي تائين وين ۾ ويهن ته خبر پوي انهن کي ته گهڻو ڪرايو آهي. گل حسن شر لکيو ته اھا ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته انهن جي اھا عادت ٿي وئي آهي ھر ڪو ائين چوندو آھي ته گذريل حڪومت جي ڪرتوتن جي ڪري اھا حالت انھن گذريل حڪومت جي ڪري آھي، ٻئي ذميوار آهن،

عبدالغفور سروهي لکيو ته عمران سرڪار 2 رپيا وڌائي ته ظلم، مڪس آچار سڌا سنوان 30 رپيا وڌايا تڏهن به وزير ۽ مشير نڪ جي پڪائي پيا ڪن، مهانگائي جي ماريل ماڻهن تي ويتر مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو، اڳ ڪير به ذميوار هو هن وقت اقتدار تي جيڪي آهن، ذميواري مٿن آهي. عبدالحفيظ لکيو ته هن ملڪ جو مالڪ آءِ ايم ايف آهي، فضل سبزوئي لکيو ته شھباز شريف مھنگائي جي چڪي ۾ پيٺل مسڪين عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي وڏو ظلم ڪيو آهي، ذميوار شھباز شريف سميت ان جا اتحادي پارٽيون آھن، عابد ڀٽي لکيو ته اصل ۾ جيڪو اقدار ۾ اچي ٿو اھو عوام کي اھو دوکو ڏئي ٿو ته گذريل حڪومت جي ڪري هي سڀ ڪجهه آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته هي سياسي ڊرامو رچائي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، افسوس جو عوام روڊن تي نه اچي رهيو آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اسان مئل قوم آھيون پيٽرول ته خير 180۾ ليٽر ملي ٿو اگر پٽاٽو ھڪڙو داڻو 2 سئو ۾ ملندو ته به وٺنداسين،

حاڪم ڪٽوهر لکيو ته اڳ چوندا هئا ته عمران چور آهي پر هي پاڻ چور آهن، پيٽرول مهانگو ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، محمد ابراهيم لکيو ته عمران هنن کي زنده ڇو ڇڏيو؟ قادر بخش زئور لکيو ته جڏھن ته تيل جي قيمتن جي واڌ جي زميوار گذريل حڪومت آھي جنھن عوام سان وڏو ظلم ڪيو، علي لکيو ته اسين عمران خان کي سبسڊي ڏيڻ تي سلام ڪيون ٿا ۽هن موجوده حڪومت کي ذميوار سمجهون ٿا، يعقوب کوسو لکيو ته صابو هار ڏنا ڏني هار پاتا عمران جي وڃڻ سان فرق ڪو به نه پيو، مهانگائي وڌي پئي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته ذميوار امپورٽڊ حڪومت آهي، نادر ابڙو لکيو ته پيٽروليم شين جي هڪ ڀيرو ٻيهر اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستاني غريب عوام اذيتن ۾ مبتلا ٿي ويو آھي پيٽرول جي قميتن وڌڻ سان گڏ عام واهپي جون شيون به آسمان سان ڳالهائڻ لڳيون آهن جتي غريب عوام جو پورائو هجڻ ڏاڍو مشڪل بڻجي ويو آھي حڪمرانن کي گهرجي ته عوام دوست پاليسن تي عمل ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،

ممتاز لاکو به سروي ۾ حصو ورتو، لالا فاروق سنڌي لکيو ته هر شيءِ تي ٽئڪس آھي پوءِ به حڪومت جو پيٽ نه ٿو ڀرجي، ذميوار حڪومت آهي، مختيار ميمڻ لکيو ته سڀ ملوث آهن، عالمي مالياتي ادارن جا غلام آهن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ذميوار حڪومت آهي، ممتاز سميجو لکيو ته هنن ايماندارن کانپوءِ عمران ڪافي بهتر هو، ممتاز سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، مير سڪندر سولنگي لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، خالد نوتڪاڻي لکيو ته سڀ ذميوار آهن، علي اڪبر مري لکيو ته هن وقت ڀلي بري جي مالڪ حڪومت آهي، محمد ثوبان لکيو ته حڪومت عمران جي بيانيي کي سچو ثابت ڪري رهي آهي، نعمت الله راهمون لکيو ته عمران ذميوار آهي، منظور زرداري لکيو ته غريب عوام جو ڪنهن کي به لاچار ڪونه سڀ پنھنجا ڀڀ ڀرڻ لاء ويٺا آهن، عثمان خان لکيو ته جيترو ٻيڙو هن عمران خان پاڪستان جو 3 سالن ۾ ٻوڙيو آهي ايترو پاڪستان جي 70 سالا تاريخ ۾ ڪنهن به نه ٻوڙيو، خان زرداري لکيو ته عمران جو ڪھڙي ذميوار تيل مھانگو ٿيو، آصف علي سومرو لکيو ته اپوزيشن ۾ ھوندا ھئا ته وڏيون ڊاڙون ھڻندا ھئا ھاڻي ته حڪومت به اوھان جي آهي پوءِ به مھانگائي؟ ڪيڏانهن ويو اوھان جو تجربو، حسين ٽانوري لکيو ته سڀ حڪمران ملوث آھن،

گلزار خشڪ لکيو ته عمران خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ويو،  حبدار علي وارث لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، اسامه سنڌي لکيو ته وڏو ظلم آهي، اسماعيل خان خلجي لکيو ته معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو پر غريب ماڻهن سان ظلم ڪيو ويو، خاموش خليل شر لکيو ته عمران جو نالو بدنام آھي، باقي موجوده حڪومت پيٽرول ڊيزل جون قيمتون وڌائي ڏتڙيل عوام سان ظلم ڪيو آهي، جنيد جمالي لکيو ته زميوار اسين پاڻ آھيون …جبار آزاد منگي لکيو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ مليل آهن. عبدالرحمان آفريدي لکيو ته عمران حڪومت ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪندڙ هاڻي پاڻ حڪومت ۾ اچي مهانگائي جو بم ڪيرائي رهيا آهن، عوام کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، نويد جمالي لکيو ته شھباز شريف کان عمران خان ڪافي بھترين شخص آهي عمران خان پنهنجي وس ۾ غريب عوام لاءِ ڪيترو ڪجھه ڪيو، سنڌي جنسار لکيو ته سڀ هڪجهڙا آهن، وحيد ڄامڙو لکيو ته عمران خان جي دور ۾ مھانگائي ٻيڻ تي وڌي ھئي ھن حڪومت ته مھانگائي ٽيڻ تي وڌائي عوام جا سور ٻيڻا ٽيڻا ڪري ڇڏيا آھن،

الياس سمون لکيو ته عمران خان جي وڃڻ محل ئي ھنن تيل وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي ان جو ذميوار ھي آھن، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته امپورڊ حڪومت نامنظور ڪيڏو به تيل مهانگو ڪن پر اسين ستون ميل وارا 30 جو ڀرائينداسين، رضا جروار لکيو ته عوام ذميوار آهي ، ايڏي مھانگائي ظلم ستم ظرفي تي خاموشيءَ نا انصافين کي دعوت ڏيڻ آھي، خالد ٿري لکيو ته ھن وقت جي حڪومت ڪوڙيون ڳالهيون ٿي ڪري عمران خان کي روس کان پيٽرول وٺڻ ڏنو وڃي ھا ته اڄ پيٽرول سست ھجي ھا ، اظهر علي لکيو ته امپورٽڊ حڪومت 150 رپيا ليٽر تي مارچ ڪيو پئي ھاڻ پاڻ ئي 180 رپيا ليٽر ڪري ڇڏيو، دادالله بلوچ لکيو ته سڀ ڊرامي باز آهن، اويس ملاح لکيو ته ٻئي ڌريون ذميوار آهن، گلشير علي هاليپوٽو لکيو ته آءِ ايم ايف چيو آهي ته 15 جون تائين ٻيهر پيٽرول 45 رپيا مهانگو ڪيو، شاندار احمد مغل لکيو ته سڀ ذميوار آهن، ياسر خان لکيو ته هن سموري مهانگائي جو زميوارعمران خان آهي ان جي پوري ڪابينا جون غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيو، منظر حسين، حاجي خان پنهور، عنايت الله راهمون، لياقت نهڙي، شيراز چانگ، الطاف پرويز ڀٽو، عبدالوحيد چنا، وقار حسين، ڊاڪٽر خليق زمان، عبدالستار بلوچ، حماد ڪنڀر، محمد الياس شر، هزار خان ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.