ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڊينگي، گيسٽرو ۽ مليريا جا راڱا جاري، 8 ٻارڙن ۽ 4 عورتن سميت 17 ڄڻا فوت، ڪيترائي مبتلا، علاج جون سهولتون اڻلڀ، خبر موجب ٺڪراٺي ويجهو ڳوٺ نئون آباد ۾ پورھيت ڀڳوانداس ڀيل جا 2 ٻارڙا ھڪ سال جي چاندني ۽ ٽن ورھين جو  ساگر ڪمار گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا، صحت کاتي سکر جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر غوث بخش منگي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ گيسٽرو جا ڪجھه ڪيس ظاھر ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن، جلد ٽيم موڪلي متاثر ٻارڙن جو علاج شروع ڪيو ويندو، پنوعاقل ويجهو ڳوٺ مڃر چاچڙ جو رهواسي نوجوان شاھد حسين چاچڙ گيسٽرو وگهي علاج دوران سکر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جروار ويجهو ڳوٺ دوست محمد لنڊ ۾ ٻن سالن ميرزادي لنڊ مليريا بخار سبب خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڀيڻ چئن ورهين جي گلزادي لنڊ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال داخل ڪيو ويو آھي، جوهي جي ڳوٺ نور محمد لغاري ۾ 14 ورهين جو  امير علي ولد رفيق لغاري مليريا وگهي حياتي وڃائي ويٺو، تنگواڻي جي ڳوٺ پهرالدين ملڪ ۾ 4 سالن جو اياز ملڪ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ميرپورٻرڙو ڀرسان ڳوٺ محمد صديق آرائين ۾ 5 ورھين جو الطاف پٽ محمد حيات ٻرڙو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، بڊاڻي ڀرسان  ڳوٺ ميوو ڀٽو ۾ گيسٽرو وگهي پيرسن عورت عجيب خاتون زال محمد مينهون ڀٽو فوت ٿي وئي، وارھ جي کنڊو روڊ تي رليف ڪئمپ ۾ ترسيل عورت 20 ورهين جي شڪيلا گورگيج گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، جڏھن ته حمل روڊ جي رليف ڪئمپ ۾ ڳوٺ چندني جاگير  جو رهواسي  28 ورهين جو ڪرم حسين ٻرڙو مليريا وگهي دم ڏنو، فوت ٿيلن جي ڪفن دفن جو بندوبست سماجي ڪارڪن نياز حيدري ڪيو، ڳڙهي حسن ڀرسان ڳوٺ نجم الدين کوسو ۾ ستن ورهين جي سياڻي کوسو مليريا بخار وگهي فوت ٿي وئي، سنڌڙي ويجهو ڳوٺ جان محمد شر ۾ مليريا وگهي ڏيڍ ورهيه جو عبدالخالق شر فوت ٿي ويو، ڀرياسٽي جي ڳوٺ پڃيل ميمڻ واسي پنجن ٻارڙن جي ماءُ نجما ميمڻ مليريا وگهي فوت ٿي وئي، گاجي کهاوڙ ڀرسان اسڪول ۾ ترسيل ڳوٺ ڀاڻ لاڙ جي رهواسڻ علاج جون سهولتون نه ملڻ ڪري فوت ٿي وئي، ڀان سيد آباد جي ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ ڊينگي ۾ مبتلا نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، مانجهند جي علائقي دڙا ماڇي ۾ ڳوٺاڻو ڊينگي بخار وگهي فوت ٿي ويو، ٽنڊوآدم جي ميواتي پاڙي ۾ پير پاڳارو چوڪ جو رهواسي پورهيت 23 ورهين جو شعيب مغل ڪراچي جي اسپتال ۾ ڊينگي سبب فوت ٿي ويو،ٻئي پاسي فيض گنج تعلقي ۾ برسات بعد هزارين ماڻهو مليريا ۾وٺجي ويا آهن، گمس گمبٽ پاران لڳايل ڪئمپ ۾ 11ڏينهن دوران 5 هزار مريضن کي مليريا جي تصديق ٿي،