اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ شهباز گل جي جسماني رمانڊ ۽ مبينا تشدد خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، شهباز گل جو وڪيل تياري کانسواءِ پيش ٿيو جنهن تي عدالت مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت سوال اٿاريو ته ڇا پي ٽي آءِ جي دور ۾ پوليس ڪنهن قيدي تي تشدد نه ڪيو؟ تشدد خلاف شهباز گل کي لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪرڻو پوندو، عدالت جاچ آفيسر کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران شهباز گل جي وڪيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ پنهنجا اختيار اورانگهيا، شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي، شهباز گل تي هڪ تقرير جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته اوهان ٻڌايو ته ڪهڙي بنياد تي جسماني رمانڊ ڏنو ويو، وڪيل چيو ته اوهان عرض ڪريو جسماني رمانڊ ڇو ڏنو ويو، جسٽس مظاهر علي اڪبر کيس مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪهڙي ڳالهه پيا ڪريو آئون عرض ڪريان، جج سان ايئن ڳالهائبو آهي، شهباز گل تقرير نه پر ٽي وي تي بيان ڏنو هو، ڪيس جي تياري ڪري اچو، اوهان کي جسماني رمانڊ ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ مقصد جو ئي پتو ناهي، جسٽس جمال خان مندوخيل سوال اٿاريو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪنهن تي پوليس تشدد نه ڪيو؟ شهباز گل جي وڪيل پنهنجا لفظ واپس وٺندي چيو ته پوليس تشدد جا واقعا گهٽ سامهون ايندا آهن، سڀ کان وڏو تڪراري رمارنڊ شهباز گل کي ڏنو ويو، جسٽس مظاهر علي اڪبر پڇا ڪئي ته جج صاحب تشدد ڪيس ۾ بطور گواهه به پيش ٿيندو؟ ميجسٽريٽ قيدي جي حقن جو ضامن هوندو آهي، اوهان کي ايتري به خبر ناهي، جسٽس مظاهر علي اڪبر وڪيل کان پڇا ڪئي ته ضابطه فوجداري سپريم ڪورٽ تي به لاڳو ٿئي ٿو؟ جنهن تي وڪيل سلمان صفدر چيو ته جي ها، جنهن جسٽس مظاهر چيو ته ماشاءَالله وڪيل صاحب، سپريم ڪورٽ تي ضابطه فوجداري لاڳو نه ٿيندو آهي، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.