ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر مھراب لاکير ٻوڏ متاثرين جي واھر نه  ٿيڻ تي روئي ويٺو، پ پ اڳواڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾  پ پ اڳواڻ جو چوڻ ھو ته  افسوس جو ميھڙ ۽ خيرپور ۾ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه پئي ٿئي، خيرپور ناٿن شاھ ۾ تعلقي اسپتال جو ايم ايس طبي ٽيم موڪلڻ لاءِ  متاثرين کان ٻيڙيون طلب ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته ماڻھن جو سڀ ڪجھه ھليو ويو آھي، گھر لڙھي ويا، آفيسرن کي پئسا ڪٿان ڏين، متاثرين ۾ بيماريون وڌي ويون آھن پر صحت کاتي ڪي به قدم ناهن کنيا، ھن چيو ته افسوس جو متاثرين جي واھر نه  پئي ٿئي، اھڙيون حالتون رھيون ته ماڻھو قانون ھٿ ۾ کڻندا. ھن چيو ته سنڌ سرڪار تحرڪ ۾ اچي متاثرين جي واھر ڪري.