سنڌ ۾ نغاري جو ماتم ۽ معصوم شهزادي جو غم

0
217
سنڌ ۾ نغاري جو ماتم ۽ معصوم شهزادي جو غم

  محرم الحرام جو چنڊ آسمان تي ڏسي، سنڌ جي اسٿاني روايتن موجب خوشين جي ڏڻن تي ان اعلانيل پابندي لڳي ويندي آهي. ايتري حد تائين جو هتان ماڻهو ڪو نئون ڪم به شروع ناهن ڪندا. اهو سڀ ڪجهه تيرهين محرم تائين جاري رهي ٿو. مخصوص ايام عزا ۾ آل رسول صلعم سان پيار ڪندڙ، سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪندا آهن. وهنجڻ ۽ خوشبوءِ لڳائڻ کان به پرهيز ڪئي ويندي آهي. وارن جي سنوار، ڏاڙهي ڪوڙائڻ کي به خراب ليکيو ويندو آهي. ايتري تائين جو وارن کي ڦڻي به معيوب ليکي وڃي ٿي.

                 ماتمي ٻڍا، جوان گهڻو ڪري پڙن ۾ هوندا آهن. ماتمي پڙن ۾ محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ سان ئي نغارن يا نقارن وڄائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي. نغارا وڄائي ڪربلا جي شهيدن جي لٽجڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي ٿي. نغارن جي وڄائڻ جو وقت گهڻو ڪري صبح جو سوير، منجهند ۽ رات جو دير سان مقرر ڪيو ويندو آهي. ماتمي جلوس جي حساب سان نغاري جي وڄت مختلف رکي وڃي ٿي. جيئن: پڙ ۾ جلوس جي پهچڻ وقت ‘يا حسين’، جلوس جي ترسڻ تي ‘ڊڍ’ ۽ جلوس جي روانگي وقت ‘ٽاهو’ جي وڄت ڪئي ويندي آهي. ڪتاب “محرابپور جي عزاداري” جي ليکڪ مولائي ملاح لکيو آهي: “هتي نغارن وڄائڻ جو رواج ملتان کان آيو، پر هاڻي ملتان ۾ گهٽ، هتي نغارا وڌيڪ وڄايا وڃن ٿا. ماتم حسين عه ۾ نغارا سنڌ جي سڃاڻپ آهن.”ماتمي جلوسن ۾ نغارن سان گڏ دهل جي وڄت پڻ ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ ڪل ڇهه تال هوندا آهن. پهرين “يا حسين” وڄائيندا آهن. “يا حسين” جي تال ۾ ڇهه ماترائون ٿيندون آهن، “يا حسين” کانپوءِ “شاهه پنجنتنن” وڄائيندا؛ هن تال ۾ به ڇهه ماترائون ٿينديون آهن. ان کانپوءِ “حسين حسين” وڄائيندا آهن، جنهن تال جون ٻه ماترائون ٿين. جنهن کانپوءِ “ٽاهو” وڄائيندا آهن. ٽاهي ۾ پنج ماترائون ٿين. ٽاهو، پڙ جي رخصت ٿيڻ مهل جي وڄت آهي، آخر ۾ لولي وڄائي ويندي آهي، جنهن جون يارنهن ماترائون ٿينديون آهن. دهل وڄائڻ وارا پوءِ نغارا وڄائيندي هر تال تي چوٽون ۽ مختلف ٽِڪا رکندا آهن. عاشور جي ڏهاڙي تي نغارن ۽ دهلن تي “ڊڍ” جي وڄت پئي ٿيندي آهي. جلوس هلندي دهلاري ‘ڊڍ’ وڄائيندا هلندا. ٻهراڙين ۾ ڏهين جي ڏينهن سينه زني ٿيندي آهي، ان تي به ‘ڊڍ’ وڄندي. مطلب ته هر ممڪن رخ کان ماتمي پڙن ۾ ڪربلا معلى جو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.اڄ پنجين محرم الحرام جو ڏهاڙو آهي. شام ڇهين جو چنڊ ڏسڻ سان امام حسين عه جي معصوم شهزادي علي اصغر عه جا مصائب شروع ٿي ويندا آهن. عزادار سمجهن ٿا ته ڪربلا جي هن معصوم جو غم ايترو ته دکدائڪ آهي، جو پاڻ سال جا سڀ ڏينهن هن معصوم شهزادي جي ڏک لاءِ وقف ڪريون ته به گهٽ آهن. ان لاءِ محرم جي پنجين تاريخ ٿي ان شهزادي جو غم لکي رهيو آهيان، جنهن جي نڙيءَ ۾ تير لڳڻ ۽ ڇڪي ڪڍڻ لاءِ علامه ڪلبِ صادق چيو هو: “مولا علي، هڪ عرض ڪريان، ٻڌاءِ ته خيبر جي قلعي جو در پٽڻ ڏکيو هو يا معصوم شهزادي علي اصغر جي نڙيءَ مان تير ڇڪي ڪڍڻ…!؟”سنڌ جي عزاداريءَ جي روايتن ۾ جناب علي اصغر عه لاءِ پينگهو مخصوص آهي. ماتمدار ننڍڙو ٻاراڻو پينگهو وٺي، انکي گلن ڦلن سان سينگاري، مٿان سنهو ڪپڙو وجهي، عطر لائي، اگربتيون ۽ ميڻ بتيون ٻاري پوءِ سيج ۽ مينديءَ وانگر پڙن تي گهمائيندا آهن. جن زالن يا مردن کي اولاد نه ٿيندو آهي، اهي عقيدي سان پينگهي کي لوڏي اولاد ٿيڻ جي باس باسيندا آهن. پينگهو به سيج وانگر مخصوص هوندوآهي، جنهن ۾ ڪوبه ناهي لڏندو؛ حفاظت سان ايندڙ عاشورن لاءِ رکيو ويندو آهي.

عاشور جي ڏينهن جڏهن وقت جو صابرين امام عه، خيمي جي در تي جناب علي اڪبر، شهزاده قاسم جي لاشن کي گڏ سمهاري، ڪنهن مهل جناب اڪبر جي ڳلن تي هٿ لائي رهيو هو ته ڪنهن وقت جناب قاسم جي لاش کي جيڪو ايترن ته ٽڪرن ۾ ورهايل هو جو، چهري اقدس جي سڃاڻپ مشڪل هئي، کي ڇهي، چئي رهيو هو: “نانا! ڏس، ڪيئن نه توهان جي امت، توهان جي گهر کي تاراج ڪري ڇڏيو. توهان جا شهزاده رت ۾ وهنجي ويا آهن. هاڻي ڪجهه دير ۾ ئي خيمن کي باهيون ڏنيون وينديون. لاشن تي گهوڙن کي ڊوڙايو ويندو. نانا! تنهنجي ڏوهٽين جون چادرون کسي انهن کي شام جي بازار ۾ گهمايو ويندو!” ان ويرم ئي پاڪ بيبين ننڍڙي شهزادي علي اصغر کي امام عه ڏانهن موڪليو. پاڻ اٿيا ۽ ننڍڙي ٻچڙي کي هٿن ۾ کڻي اڃا بيٺا مس ته هڪ تير تيزيءَ سان آيو ۽ معصوم علي اصغر جي نڙيءَ ۾ لڳي ڦاسي پيو. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته تيزي سان ٿيو، جو امام حسين عه ننڍڙي شهزادي کي پري نه ڪري سگهيا. پاڻ نهايت صبر سان جناب علي اصغر جو رت، پنهنجي ٻڪ ۾ اوتي، مٿي آسمان ڏانهن اڇلائي چوڻ لڳا: “اي منهنجا خدا! اسان تنهنجي رضا ۾ راضي آهيون. اسان تنهنجي خوشيءَ جا طلبگار آهيون. ننڍڙي علي اصغر جي هيءَ قرباني قبول فرماءِ.” ابن ڪثير کان روايت آهي، جنهن کي طبريءَ به نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ اختلاف پڻ آهن ته جناب علي اصغر جي ولادت پڻ ڪربلا ۾ ٿي هئي ۽ بيبين هن کي امام حسين عه ڏانهن ان ڪري موڪليو ته سندن ڪن ۾ اذان ڏين. جيئن ئي امام حسين عه “الله اڪبر” چيو ته هڪ تير، معصوم جي ڳلي ۾ لڳو ۽ معصوم روح جسم مان پرواز ڪري ويو. ڪجهه روايتن مطابق، جناب علي اصغر جي عمر ڇهه مهينا هئي، هو سخت اڃايل هو. هن کي امامَ ڏانهن ان ڪري موڪليو ويو هو ته هو يزيدي لشڪر کي چئي ته جوانن کي ته پاڻي نه ٿا ڏيو؛ هن معصوم لاءِ ئي ڪجهه پاڻي ڏيو. پاڻي ته نه مليو پر تير مليا. صابرين امام، ننڍڙي علي اصغر جي جسم کي عبا سان ڍڪيو ۽ خيمي ۾ آيو. سائنڻ رباب کي سڏي معصوم لاش ان جي حوالي ڪري چيو ته، “رباب، منهنجي پويان اچ…” دنيا جو عجيب جنازو هو، جنهن ۾ پيءُ اڳيان ۽ ماءُ ننڍڙي پٽ جي لاش کي سيني سان لڳائي پويان اچي رهي هئي. حسين عه اڳتي وڌي خيمي جي پويان تلوار سان قبر کوٽي. علامه رشيد ترابي هڪ مجلس ۾ ٻڌايو ته، “پاڻ ڪريمن صلعم کان وڌيڪ ڀلا ڪير صابر ٿي سگهي ٿو، پر جڏهن سندن پٽ حضرت ابراهيم جو انتقال ٿيو ۽ لاش کي قبر ۾ لاهڻ جو موقعو آيو ته رسول اڪرم صلعم چيو: يا علي عه اڳتي اچو، منهنجي پٽ کي منهنجي سيني کان الڳ ڪري قبر ۾ لاهيو. مان معصوم ابراهيم کي قبر ۾ نه لاهي سگهندس. مان چوان ٿو. يا رسول الله صلعم، توهان وٽ ته علي عه موجود هو، جنهن کي حڪم ڪيو. حسين عه ڪربلا ۾ ڪنهن کي چئي…؟”

روايتن ۾ آهي ته حسين عه، جناب علي اصغر کي لحد ۾ لاهي مٿان مٽي وجهي، قبر جي صورت تيار ڪئي. ننڍڙي مزار تي پنهنجا ڳل رکي حسين عه روئڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر ڪلب ِصادق جي مطابق، ڪافي شيون روايتن ۾ نه ٿيون ملن، پر حالتن جو اندازو لڳائي سمجهي سگهجن ٿيون. “مان سمجهان ٿو ته ام رباب چيو هوندو: مولا! توهان خيمي جي در تي پنهنجي لاءِ پڇيو هو ته ڪير آهيو؟ مان جواب ڏنو هو، توهان وقت جا امام آهيو. هاڻي مان توهان کي پڇان ٿي: مان ڪير آهيان؟ مان ته هن ابهم ٻارڙي جي ماءُ آهيان. اي منهنجا مولا! مان پنهنجي ٻارڙي جو دفن هئڻ ڏسي سگهان ٿي، پر توهان جي اکين ۾ لڙڪ نه ٿي ڏسي سگهان. هاڻي قبر تان اٿو. مان پنهنجي ٻچي تي صبر ڪري وٺندس…”