تلخ تجربو

0
156
تلخ تجربو

 ملڪ جو اهو سياسي اڳواڻ، جنهن کي پنهنجي جيت جي پوري پڪ هئي. جنهن کي يقين هو ته هن جا مخالف مقابلي جي ميدان ۾ به مشڪل لهي سگهن. جيڪو اڳواڻ پنهنجي اڳوڻي سرڪار مان سبق سکي ايندڙ حڪومت بهتر انداز سان هلائڻ جا نقلي اعتراف وارا اعلان ڪندو هو. ان اڳواڻ کي هن مهل اهو به معلوم نه آهي ته هن کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويندو؟ هاڻي هو اهو به نه ٿو ڄاڻي ته هن جي گرفتاريءَ جي صورت ۾ هن جي پارٽيءَ کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت به هوندي يا نه؟ ملڪ جي باري ۾ پوري اعتماد سان پيشن گويون ڪندڙ پاڪستان جو اڳوڻو پرائيم منسٽر پنهنجي سياست جي سلسلي ۾ ڪا به اڳڪٿي ڪري نه ٿو سگهي.

                 ملڪ جي ويجهي ماضيءَ جو مغرور ۽ موجوده دور جو سڀ کان وڌيڪ مجبور سياسي اڳواڻ ڪير آهي؟ اهو پاڪستان جي سياست جو سڀ کان سادو ۽ سولو سوال آهي. پر اهو فراز نشيب ۾ ڪيئن تبديل ٿيو؟ ان عروج مٿان زوال ڪيئن آيو؟ هي ڇَٽ پَٽ سان ڇو لڳو؟ تحريڪ انصاف خوشقسمتيءَ مان بدقسمتيءَ جو داستان ڪيئن بڻي؟ اهڙا اکر ايترا ته مشڪل آهن، جو جنهن جي باري ۾ ان قسم جا سوال پڇيا ٿا ڪيا وڃن، هن کي پاڻ انهن سوالن جا جواب ائين گهرجن، جيئن روس جي عظيم اديب دوستو وسڪيءَ جي جڳ مشهور ناول “ايڊيٽ” جي ان ڪردار کي، جيڪو اندر جي اٿاهه سچائيءَ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته، “مون کي ڌن دولت نه پر پنهنجن سوالن جا جواب گهرجن”. ڇا تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ان قسم جو مطالبو ڪري سگهن ٿا؟ ڇا اهي هن وقت اهو چئي سگهن ٿا ته اسان کي اقتدار نه پر پنهنجي موجوده انجام جا سبب سمجهايو؟

پاڪستان مان اڏامي پرڏيهه ۾ پاڻمرادي جلاوطنيءَ جا تجربا ڪندڙ پي ٽي آءِ جا حامي جرنلسٽ، هاڻي اهڙي انداز سان وي لاگ اپلوڊ ڪندا نظر اچن ٿا، ڄڻ ته هو نئين سر صحافت سکي رهيا هجن. انهن جي ان انداز مان ‘انسپائر’ ٿي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ وري سياست کي ٻيهار سمجهڻ جي باري ۾ سوچي رهيا آهن؟ ڇا اقتداري سياست ڪندڙ فردن ۾ ڪڏهن ايترو عقل ۽ ايتري بردباري اچي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن ملڪي سياست ۾ ان قسم جي تبديليءَ پنهنجا پر پکيڙيا ته پوءِ پاڪستان جي مجبور سياست جي آزاد پرواز کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. پر اهڙي نئين آغاز جا امڪان پوءِ پيدا ٿيندا، پهرين ته اسان اميد جي ابتدا ته ڏسون!

ملڪ جي سياست جو اهو دور ڄڻ ته ڪنهن ٻار جو سندر سپنو هو، جڏهن سوناميءَ جون صدائون هڻندڙ سياسي اڳواڻ اهو به سوچڻ لاءِ تيار نه هو ته اقتدار ڪڏهن به غيرمشروط صورت ۾ نه ملندو آهي. اسان ته ان ملڪ ۾ رهون ٿا، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت اسٽيبلشمينٽ جي اجازت کان سواءِ پنهنجي نڙيءَ مان نعرو ڪڍڻ جي جرئت به نه ڪري سگهندي آهي. جڏهن ته پوري دنيا ۾ آزادي هڪ “لميٽيڊ” ڪمپنيءَ جي حيثيت کان مٿي اڀري نه سگهي آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ کي پاڪستان جو ڊونالڊ ٽرمپ يا ڊونالڊ ٽرمپ کي آمريڪي يوٿين جو سربراهه قرار ڏيڻ وارا به اهو سمجهي ويا آهن ته هر معاشرو پنهنجي مقدار مطابق آزاديءَ جو وزن برداشت ڪري سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي ته هن مهل پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو نوان معيار ۽ نوان ماپا طئه ڪرڻ جو هڪ اهڙو آغاز آهي، جنهن جو انجام ڪنهن کي به معلوم ناهي. جيڪڏهن انجام جو اڳواٽ علم هجي ها ته ڇا تحريڪ انصاف پنهنجي هٿ سان پنهنجي لاءِ اها کڏ کوٽي ها، جنهن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ان ڌر جي گهٽ ‘اڇل ڪود’ جي اجازت به حاصل ناهي. هاڻي هن کي ان وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو، جڏهن انهن مٿان ڪاوڙ جا گجندڙ ڪارا ڪڪر هٽن ۽ اميد جي اس نڪري سگهي. هن مهل تائين ته ان پارٽيءَ مٿان ناراضگيءَ جي چيهه چمڪي رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ جو اڳواڻ ان مسڪين مسافر جيان نظر اچي رهيو آهي، جيڪو تيز برسات ۾ هڪ پهاڙ جي پاسي مان گذري رهيو هجي ۽ جنهن جي پراڻي ڇٽي ڦاٽل هجي. ڇا اهو مجبور مسافر پنهنجي منزل ماڻي سگهندو؟ ڇا ان جي ڪا منزل به آهي؟ علامه اقبال پنهنجي هڪ خوبصورت نظم ۾ واريءَ جي بيابان ۾ بيٺي هڪ صحرائي گل کان پڇا ڪئي هئي:

“منزل هي ڪهان تيري؟

اي لاله صحرائي…..!!”

اڄ اهو سوال پاڪستاني سياست جي ان لالي کان پڇيو پيو وڃي، جيڪو اڳ ۾ ٽي وي چينلن کي انٽريو ڏيڻ لاءِ به وڏا شرط وجهندو هو. جڏهن ته هاڻي هو انٽرويو لاءِ ايندڙ ويب ريڊيو وارن جو به انتظار ٿو ڪري. هو جيڪو ڪالهه اقتدار مان ٻاهر هوندي به سياست جي سرڪش ۽ خوبصورت طاقت جي حسين دائري ۾ پنهنجي انداز سان هلندو نظر ايندو هو، اڄ ان کان وڌيڪ “مجبور” لفظ جي معنيٰ کي ٻيو ڪير سمجهي سگهي ٿو؟ هو جيڪو هن وقت انهن پامسٽن جو پتو پڇي رهيو آهي، جن جون اگريون اڳڪٿيون ٻڌي، هن کين ناڪام نجومي قرار ڏئي پنهنجي وس واري وستيءَ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو هو.

شهرت جي تيز روشنيءَ ۾ رهندڙ انسانن کي سدائين اهو خطرو درپيش رهندو آهي ته هو ڪنهن به وقت تاريڪين جي حوالي ٿي سگهن ٿا. اهوئي سبب آهي ته عام مان خاص ٿيندڙ فردن کي پنهنجي ان انجام جو تمام گهڻو خوف هوندو آهي، جنهن ۾ هن مهل پاڪستاني سياست جو خان موجود آهي. هو جنهن مئي جو مهينو تمام گهڻي ڀوَ ۾ گذاريو. جنهن کي جون ۾ ڪجهه اميد محسوس ٿي پر جيڪو جولاءِ به پنهنجي مقدر کي غيرمحفوظ هٿن ۾ منتقل ٿيندو ڏسي رهيو آهي. هو جنهن وٽ اٺن ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جو وقت به نه هو، ان وٽ هاڻي وقت ئي وقت آهي. هو، جنهن ڪنهن سان به اهو راز نه سليو هو ته هن کي پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ اهڙي پوزيشن گهربل هئي، جهڙي ڀارت جي شوبز ۾ بگ ب (Big B) کي حاصل آهي. اهو شخص هن مهل زمان پارڪ جي خاموش شور جو خوف محسوس ڪندي سوچي رهيو آهي ته هن کان آخر اهڙي ڪهڙي غلطي ٿي وئي؟

پاڪستان جي اقتداري سياست اها پهاڙي ندي آهي، جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي مزاج جو خيال رکڻو پوندو آهي. خان جي سڀ کان وڏي سياسي غلطي اها هئي ته هو اقتداري سياست ڪندي به پاڻ کي انقلابي اڳواڻ سمجهي رهيو هو. هو جيڪو پاڪستان جي پوليٽيڪل اسٽيج تي اهڙي انداز سان جلوه گر ٿيندو هو، جيئن هالي ووڊ نه ته گهٽ ۾ گهٽ بالي ووڊ جا اداڪار پوري تياريءَ سان تاڙين جي شور ۾ نمودار ٿيندا آهن. هن وٽ ان وقت ان شڪ جي لاءِ نه ته وقت هو ۽ نه ماحول ته حالتون مٿان کان هيٺ ڪري سگهن ٿيون ۽ ايتريون هيٺ، جو ان جي گهرائيءَ جو اندازو لڳائڻ به مشڪل ٿي پوي. جيڪڏهن سياست اداڪاري آهي ته پوءِ هر ايڪٽر تي اهو وقت اوس ايندو آهي، جڏهن هن کي صرف اسٽيج ئي نه پر هن جي سامهون موجود هال به کيس اڪيلو هجڻ جو احساس پوري شدت سان ڏيارڻ لڳندو آهي.

عمر هڪ اهڙو عنصر آهي، جنهن جي زوال کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي پر پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ فٽ ۽ وڏي عمر ۾ به جوان نظر ايندڙ خان هاڻي جنهن تيزيءَ سان پنهنجي چهري ۾ وڌندڙ وٿين ۽ گڏ ٿيندڙ گنجن کي ڏسي رهيو آهي، ان سان هن جو احساس زيان اڃان ڪجهه وڌي رهيو آهي. هو جيڪو هن مهل تائين اها حقيقت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي سگهيو آهي ته هن جي زوال جو اصل الزام هن جي ان ذات مٿان آهي، جنهن حد کان وڌيڪ اعتماد جو شڪار ٿيندي اهو سوچڻ شروع ڪيو هو ته هو پاڪستان جي سياست جو نپولين بونا پارٽ آهي پر هن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته سوچڻ کپندو هو ته تاريخ جي هر نپولين کي ڪنهن واٽرلو مان شڪست کائي، ڪنهن سينٽ هيلينا حوالي ٿيڻو هوندو آهي. هو جيڪو پاور جي ان مزاج کي پوري طرح سان سمجهي نه سگهيو، جيڪو مٿي مٿان ڇٽ به رکندو آهي ۽ مٿان کان کڻي پٽ تي به هڻندو آهي. حالتن جي هٿن ۾ انسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو آهي؟ اڄ اهو منظر اسان به ڏسي رهيا آهيون ۽ هو ان زوال جو نظارو پاڻ به پسي رهيو آهي.

هر انسان ڪيترو سياستدان هوندو آهي ۽ هر سياستدان ۾ ڪيترو انسان هوندو آهي؟ اهو سوال الڳ نوعيت وارو هوندي به انسانن کي گهٽ ۾ گهٽ ان احساس جي طرف ضروي ڇڪي ٿو، جيڪو هن کي حقيقت کان آشنا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رهي ٿو. جڏهن طاقت ماڻهوءَ کان سمجهه کسي وٺندي آهي ته پوءِ انسان سان اهوئي ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪو هن وقت ماضيءَ جي هيرو ۽ حال جي فقيرو سان ٿي رهيو آهي. ڇا عمر ۽ انجام جي هن موڙ تان گذرندڙ هن سياسي مسافر کي اهو احساس به آهي ته هن پنهنجن دوستن ۽ دشمنن کان وڌيڪ وڏو دوکو پنهنجو پاڻ کي ڏنو. ڇو ته هو سياست جي شور ۾ اهو وساري ويٺو هو ته هر گوڙ کان پوءِ انسان کي ان گونگي گليءَ مان به گذرڻو پوندو آهي، جتي پنهنجن پيرن جو آواز ئي انسان جو واحد سهارو ٿي هن سان هلندو آهي. جيڪڏهن خان خودفريبيءَ جو شڪار نه بڻجي ها ته هو ملڪ جي اقتداري سياست ۾ پاڻ کي تاريخ ساز شخصيت سمجهڻ جي غلطي هرگز نه ڪري ها.

هندستان جو جڳ مشهور جنگي ۽ سياسي ماهر چانڪيه چوندو هو ته، “هڪ سمراٺ کي صرف پنهنجن مخالفن مٿان نه پر پاڻ تي نڇاور ٿيندڙ حامين مٿان به ڪرڙي اک رکڻ گهرجي. هن کي سڀ کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ تي نظر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو ته هو ڪنهن به وقت ڪنهن خوشامد جي گهيري ۾ اچي خودفريبيءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو”. هر سمراٺ سياستدان هجي يا نه هجي پر هر سياستدان هڪ سمراٺ ضرور هوندو آهي. هن کي سڀ کان وڌيڪ خطرو انهن ويجهي حلقي مان هوندو آهي، جيڪي هن کي اجائي ساراهه جو سرو پياري هوش کان گهڻو پري کڻي هليا ويندا آهن. خان ڪڏهن خوشامد مٿان کڄي ويو؟ اهو پتو هن کي ڪڏهن پيو؟ انهن سوالن جا جواب هو پنهنجي مٿان مڙهيل تنهائيءَ مان تلاش ڪري ته سٺو! باقي هن کي پنهنجي عروج ۽ زوال ڪهاڻيءَ مان پاڻ به سبق حاصل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇو ته خان ماضيءَ ۾ رانديگر به رهي چڪو آهي. هر رانديگر کي پنهنجي ذهن ۾ اها حقيقت رکڻي پوندي آهي ته “هار” هڪ تلخ ئي سهي پر تمام ضروري تجربو هوندي آهي.