سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا ساليانا امتحان جاري، مختلف سينٽرز تي پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ آئوٽ

0
192
سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي: تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت
سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي: تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جا ساليانا امتحان جاري، ڪراچي جي مختلف سينٽرز تي بائيولاجي جو پرچو پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، حيدرآباد ۾ ڏهين جو پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اردو ۽ سنڌي جا پرچا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آھن

 لاڙڪاڻو ۾ بائيولاجي جي پيپر دوران مختلف سينٽرز تي ڇاپا، شاگردن کان موبائيل فون کسيا ويا، نئون ڪوٽ ۾ فزڪس جو پيپر شروع ٿيڻ کان 15 منٽ اڳ پرچو آئوٽ ٿي ويو

جڏھن تھ  پکو، ٺارو شاهه، مٽياري، درٻيلو ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاپي جي ڌُم، عملدار ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪام، گرمي ۾پيپر دوران بجلي جي بندش سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويون

حيدرآباد ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم تي تشدد

ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ حالي روڊ هائر سيڪنڊري جا استاد ۽ انتظاميا آپي کان ٻاهر، سينٽر تي جاري ڪاپي جي ڪوريج لاءِ پهتل ٽائيم نيوز جي ٽيم تي تشدد، اسڪولي عملدارن ٽائيم نيوز جي ڪئميرا ٽوڙي ڇڏي

رپورٽر کان موبائيل فون به کسيو ويو، واقعي تي حيدرآباد جي صحافي برادري ۾ تاءُ پکڙيل، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ايڪشن جو مطالبو ڪيو ويو آھي