اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جاچ وارن مامرن ۾ حڪومتي مداخلت واري مامري تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ گذريل 6 مهينن جي دوران نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين جاچ ادارن ۾ ٿيل بدلين ۽ مقررين جا تفصيل طلب ڪندي ايندڙ حڪم تائين بدلين ۽ مقررين کان روڪي ڇڏيو ۽ نيب، ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي  ته هو ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن به ماتحت عدالت مان ڪيس واپس نه وٺي، عدالت چيئرمين نيب، ڊي جي ايف آءِ،  گهرو سيڪريٽري، چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز، استغاثا وارن ادارن جي سربراهن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ گذريل 6 هفتن دوران ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان جن به ماڻهن جا نالا خارج ڪيا ويا آهن انهن جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا، ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل اشتر اوصاف عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن کي چيف جسٽس جي حڪم تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ تيار ڪيل دستاويز فراهم ڪيو ويو ۽ کيس ان دستاويز مان ايف آءِ اي ۾ ٿيل هاڻوڪين بدلين ۽ مقررين، ايف آءِ اي جي فوت ٿي ويل اهلڪار ڊاڪٽر رضوان ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ  ثناءُ الله عباسي جي بدلي بابت سبب لکيل هئا، اٽارني جنرل عدالتي حڪم تي ان دستاويز جا صفحا پڙهي عدالت کي ٻڌايا، چيف جسٽس چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي لاهور جي هڪ هاءِ پروفائل ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، اهڙو عمل استغاثا واري کاتي جي ڪم ۾ مداخلت آهي، ان ساڳئي ڪيس ۾ پراسيڪيوشن جي ٽيم کي به هٽايو ويو، ڇا اوهان عدالت کي ان بابت آگاهه ڪري سگهو ٿا، ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي خيبر پخونخوا ۽ سنڌ ۾ سٺو ڪم ڪري رهيو هو ۽ ان جي شهرت به هڪ سٺي آفيسر واري آهي، چيف جسٽس چيو ته گذريل 6 هفتن دوران ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان کي عهدي تان هٽايو ويو ان کان پوءِ هو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، هن عدالت کي ان سمورن مامرن تي ڳڻتي آهي، چيف جسٽس چيو ته اخبار جي خبرن مطابق اي سي ايل مان 4 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن جا نالا خارج ڪري انهن ماڻهن کي فائدو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اي سي ايل جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم ڪري 4 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ڏنو ويو، اهڙيون خبرون گذريل هڪ مهيني کان ڏسي ۽ پڙهي رهيا آهيون، اهڙي عمل سان قانون جي حڪمراني تي اثر پوي ٿو، امن، اعتماد ۽ معاشري ۾ برابري برقرار رکڻ آئين مطابق اسان جي ذميواري آهي، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکنداسين، چيف جسٽس وضاحت ڪندي چيو ته هن پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جو  مقصد ڪنهن کي جوابدار قرار ڏيڻ يا ڪنهن کي شرمنده ڪرڻ ناهي، اڄ جي ڪارروائي فوجداري نظام جي حفاظت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ آهي،  جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايف آءِ اي انهن مامرن تي ترديد ناهي ڪئي، ايف آءِ اي جو موقف آهي ته اهو عمل روز مره مطابق ٿيو آهي، چيف جسٽس چيو ته ايف آءِ اي پنهنجي ورتل اپائن بابت عدالت کي خاطري ڪرائيندي، اخبار جي خبرن مطابق نيب جو فوجداري رڪارڊ غائب ٿي چڪو آهي، اٽارني جنرل ان حوالي سان اسان جي مدد ڪري، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ماتحت عدالتن ۾ ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر پيش نه ٿيڻ بابت لکت ۾ درخواست ڏني، پراسيڪيوٽر کي چيو ويو ته هو جيڪو شخص وزيراعظم ۽ هڪ صوبي جو وڏو وزير ٿي رهيو آهي ان جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيو، جسٽس مظاهر نقوي وڌيڪ چيو ته اي سي ايل مان نالا خارج ڪيا ويا آهن، عام رواجي طور اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ لاءِ درخواست ڏيڻي پوندي آهي، عدالتن ۾ سوين ماڻهن جو درخواستون التوا هيٺ پيل آهن، هن حڪومت ڪيئن ڪجهه ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا آهن، جسٽس منيب اختر چيو ته بظاهر لڳي ٿو ته ايف آءِ اي ۾ ٽارگيٽيڊ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، اسان کي ان تي ڳڻتي آهي، اهو ئي سبب آهي جو چيف جسٽس ان مامري تي پراڻمرادو نوٽيس ورتو، چيف جسٽس چيو ته عدالت جاچ عمل جي عزت برقرار رکڻ چاهي ٿي، اسان پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪري رهيا آهيون، اسان الله جي آڏو جوابده آهيون، ڪنهن جي به تنقيد کان نٿا ڊڄون، صرف انصاف جي فراهمي چاهيون ٿا ۽ اها فراهمي ڪنهن به ڪيس جي فيصلي اچڻ تي ختم ٿي ويندي آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي علم آهي ته ڪجهه سياسي جماعتن جا سوشل ميڊيا سيل موجود آهن، هن عدالت جا جج خاموش تماشائي بڻجي سڀ ڪجهه نوٽ ڪري رهيا آهن، هلندڙ مهيني کان سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڏسي رهيا آهيون، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڪيس اهڙا آهن جن ۾ جوابدارن کي ڏوهاري قرار نه ڏنو ويو آهي پر پوءِ به انهن کي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو، انصاف جي نظام سان ڪو به کيڏ نه ڪري، ٻڌڻي دوران جائزو وٺي رهيا آهيون ته ڇا ٿي رهيو آهي، لاهور، ڪراچي ۾ خصوصي عدالتون ۽ نيب جون عدالتون خالي پيون آهن، مان هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته عدالت جو مقصد فوجداري نظام کي بچائڻ آهي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته فوجداري ڪيسن ۾ رڪارڊ کي محفوظ رکڻ پراسيڪيوشن جي ذميواري آهي، هن عدالت قانون جي عملداري لاءِ عوام سان واعدو ڪيو آهي ۽ اسان اهو واعدو پورو ڪنداسين، اسان اميد ڪيون ٿا ته وفاقي حڪومت جاچ ادارن سان سهڪار ڪندي، سپريم ڪورٽ چيو ته ٻڌايو وڃي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ڪيسن ۾ جاچ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪهڙي بنياد تي ڪيون ويون؟  اٽارني جنرل چيو ته عدالت جيڪو حڪم لکرايو آهي ان سان ماتحت عدالتن ۾ هلندڙ ٻڌڻي ۾ رڪاوٽ پيد اٿيندي، ان مامري تي لکت ۾ ڪجهه عدالت ۾ جمع ڪرائڻ چاهيندس، جنهن تي کيس عدالت اجازت ڏيندي ٻڌڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.