ڪراچي (نمائندن وٽان)  ڪورونا وڌيڪ 66 حياتيون کسي ورتيون، 3800 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر، ملڪ  ۾ ڪورونا شرح 6.7، ڪراچي ۾ 10، حيدرآباد ۾ 13 سيڪڙو رهي،جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 41   شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1013 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 50801 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 49788 گھرن، 40 آئسوليشن سينٽرن ۽ 973 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 867 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 79 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ڊويزن ۾ 368،  حيدرآباد ۾ 110، نوشهري فيروز ۾ 52، سانگھڙ ۾ 42، ڄامشوري ۾ 37، قمبر ۾ 36، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ 32_32، ٺٽي ۾ 30، سکر ۾ 22، مٽياري ۽ شڪارپور ۾ 19_19، دادو ۽ ميرپورخاص ۾ 18_18، عمرڪوٽ ۾ 17، شهيد بينظير آباد ۾ 16، ٽنڊي محمد خان ۾ 15، گھوٽڪي ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 14_14، جيڪب آباد ۾ 10، لاڙڪاڻي ۾ 6 ۽ سجاول ۾ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي پاسي  جيڪب آباد  جو ايس ايس پي  رياض ملڪ ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ايس پي ھائوس ۾ آئسوليٽ  ٿي ويو،جڏهن ته ٽنڊي باگو واسي سياسي اڳواڻ  پرويز احمد انصاري عرف پلو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ دم ڏنو هوڏانهن سجاول جو واپاري سيٺ  سنتوش ڪمار ڪورونا وگهي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو. جڏهن ته راولپنڊي ۾ ڪورونا شرح 13 سيڪڙو ٿي وئي، وڌندڙ ڪيسن سبب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جون 16 گهٽيون سيل ڪيون ويون آهن.

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران  نائين کان ٻارهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو، 6 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ مهم هيٺ  صوبي جي 14 لک 200 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسين لڳائي ويندي، ان حوالي سان ڪالهه صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا ڪيسن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ويڪسينيشن جو مرحلو 6 سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويندو. نائين کان ٻارهين ڪلاس جي 14 لک 200 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ويڪسين ڪئي ويندي، انهي مهم ۾ صحت کاتي جون2527  ٽيمون حصو وٺنديون، پهرين مرحلي ۾ ويڪسين ضلعي سطح  بعد ۾ تعلقي سطح تائين ڪئي ويندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شاگردن کي ويڪسينيشن ڪرڻ کان اڳ سندن والدين ۽ اسڪول انتظاميا کان رضامندي ورتي ويندي. ٻئي طرف ڪراچي ۽ حيدرآباد شهرن جي هوٽلن ۾  ان ڊور ڊائننگ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي. گھرو کاتي طرفان جاري ڪيل وضاحتي نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي جي هوٽلن ۾ ان ڊور ڊائننگ جي اجازت نه هوندي، صوبي جي باقي 22 ضلعن ۾ ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رات جو 12 وڳي تائين اجازت هوندي، واضح رهي ته انهي کان اڳ ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ ويڪسينيٽيڊ ماڻهن کي ان ڊور ڊائننگ جي اجازت مليل هئي۔