سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ سياسي جماعتن پاران جوڙٽوڙ ۽ حمايت لاءِ ڊڪ ڊوڙ جاري

0
286
ميرپور خاص ضلعي ۾

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ سياسي جماعتن پاران جوڙٽوڙ ۽ حمايت لاءِ ڊڪ ڊوڙ جاري

نوشهروفيروز ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ مخالف جماعتن اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ظفر علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ نوشهروفيروز اتحاد ٺاهي ورتو، اتحاد ۾ فنڪشنل ليگ، نون ليگ، اين پي پي، پي ٽي آءِ، پ پ شهيد ڀٽو ۽ ٻيون جماعتون شامل

هر يونين ڪائونسل تي گڏيل اميدوار بيهارڻ جو فيصلو، شڪارپور ضلعي ۾ جي يو آءِ پاران پ پ کان رستا ڌار ڪرڻ بعد دلچسپ صورتحال، صوبائي وزير امتياز شيخ پاران ڪماريا خاندان ۽ آغا سراج دراني وچ ۾ جاري اختلاف ختم ڪرائڻ جي دعويٰ

ٻنهي ڌرين ۾ ڳڙهي ياسين تعلقي جي چيئرمينشپ تان اختلاف پيدا ٿيا هئا،  امتياز شيخ چيو آهي ته ناراضگيون ۽ اختلاف ٻاهر نه پر ضلعي اندر ئي نبيريا ويندا، پيپلزپارٽي شڪارپور ۾ هڪ پيج تي آهي، ضلعي مان وڏي مارجن سان کٽينداسين