سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جا وڌنڌڙ واقعا

0
457

 سنڌ سدائين سورن ۾  رھي آھي،  صوفين جي ڌرتي تي هر ايندڙ  ڏينهن رت وھي ٿو . لڳي ايئن ٿو ته سنڌو کي رت سان وھائڻ جي ھڪ منظم سازش ھلي رھي آھي، انھيءَ  رت جي راند کي ھر وسيلي سنڌ اندر ھٿي وٺرائي پئي وڃي. پھريان مذھبي فساد، قبضا مافيا جا ماروئڙن تي ظلم ۽ ھاڻ وري قبيلائي دھشت گردي جيڪا شروع کان سنڌ جي اتر واري علائقن کي متاثر ڪندي رھي آھي، انھي راند ۾ پنهنجن جا سرَ ڪٽيا پيا وڃن جنھن ھڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. 
تازو ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيل واقعي ھر انسان کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، انھي نه صرف ماڻهن کي سوڳوار ڪيو پر چونڊيل نمائندن ۽ پوليس جي ڪارڪردگي کي به اڇن ڪپڙن تي داغ وانگر ظاھر ڪيو آهي. جڏهن چاچڙ برادري ۽ جاگيراڻي برادري جي ھلندڙ تڪرار ۾ ١٠ انسانن جون حياتيون کسجي ويون تڏهن اتان جا چونڊيل نمائندا اگھور ننڊ ۾ ستل ھئا انھن جي مذمت به ڪجهه ڏينهن بعد آئي. سول سوسائٽي جون ڪوششون جيڪي سوشل ميڊيا ۽ ڌرڻن جي صورت ۾ ڪيون ويون انھي ڪوششن پوليس ۽ حڪمرانن جي اک کولي پر اھا اک صرف ڪجهه ڏينهن تائين کلي رھندي وري ڪجهه ڏينهن بعد ڪنهن ماءَ جي ھنج خالي ٿيندي وري ڪنهن ڀيڻ جو ڀاء ڪُٺو ويندو ۽ ڪنهن پيءَ جو آخري سھارو ان کان کسيو ويندو. سوال اھو آھي ته آخر ڪيستائين ايئن اسان ھڪ ٻئي جا قتل ڪندا رھنداسين؟ ڇا سبب آھن جو ھن جديد دور ۾ به پوليس ڪچي جا علائقا ڌاڙيلن کان خالي نه ڪرائي سگھي آھي؟ حڪومت جو ڌيان ڪچي جي رھواسين طرف ڇو نٿو وڃي؟ ڪچي جي قبائلي ماڻهن  کي اھڙا جديد ھٿيار ڪنھن پھچايا؟ انھي سڀني سوالن تي غور ڪبو ته جواب ھڪ ئي ذھن ۾ ايندو ته اھڙن واقعن جي پٺيان ھڪ کُليل سازش آھي جيئن ڪچي جي ماڻھن کي جاھل رکي انهن کي نسل در نسل غلام بڻايو وڃي، انهن ۾ قبائلي جهيڙن سان اهڙي صورتحال پيدا ڪئي ويندي آهي جيئن سموري زندگي ھُو ڪيسن جي ورِ چڙهيل هجن ۽ انهيءَ جي زندگي تر جي سردار جي اثر هيٺ گذري، قبيلو پنهنجي پيرن تي بيهندو ته سردار جي اوطاق تي ڪير حاضري ڀريندو؟سائين ميان ڪير ڪندو؟ ڏک، سک اليڪشن ۾ ڪير انهن جي پولنگز تي هٿيار کڻي بيهندو، سردارن جي وانگار ڪير وهندو؟ 
 اتان جا وڏيرا ۽ سردار جيڪي اليڪشن ۾ پاڻ کي ذاتي فائدو ڏيڻ لاءِ اھڙن ڌاڙيلن کي استعمال ڪري رھيا ھوندا آھن اهي ڪيئن چاهيندا ته علائقي ۾ امن، تعليم ۽ سجاڳي هجي جي هي سڀ شيون هونديون ته ڀوتارن جون اوطاقون ڪيئن هلنديون؟    
گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جا علائقا اھڙي بي رحم دھشتگردن سان ڀريا پيا آھن جيڪي سوين مائرن جي ھنج خالي ڪندي دير ناھن ڪندا پوليس جا ٿيندڙ آپريشن انھن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آھي.
انھي واقعن کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ حڪومت کي اتان جي ماڻھن کي تعليمي سھولتون ڏيڻ گھرجن ۽ ھڪ مڪمل آپريشن ڪرڻ گھرجي،ڪافي عرصي کان گھوٽڪي ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ  ضلعي جا نوجوان يونيورسٽي لاءِ تحريڪ ھلائي رھيا آهن پر حڪومت سدائين روايتي اعلان ڪري اھڙي تحريڪ کي سنجيده  نٿي وٺي جڏھن اھڙي علائقن ۾ يونيورسٽي قائم ٿيندي ته اتان جو ايندڙ نسل تعليم ڏانهن ايندو ۽ تعليم جھالت جي مٿان حاوي ٿي ويندي. حڪومت کي اھڙن علائقن ۾ قبائلي  تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ھر مڪتبـه  فڪر جي ماڻھن کي متحرڪ ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تڏھن اسان ھر سازش کي مات ڏئي سگھون ٿا.
آخر ۾ اُهو ضرور چوندس ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو پر حڪومت ۾ ويٺل ايم اين اي، ايم پي اي جيڪي پنهنجي ذاتين جا سردار آهن هڪ ته اُهي نه چاهيندا ٻيو ڪجهه طاقتور هٿ جيڪي سنڌ کي قبائلي جهيڙن ۾ جڪڙيل ڏسڻ چاهين ٿا. هن وقت سنڌي قوم مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي بحريا جو مسئلو، وفاق سان پاڻيءَ جو مسئلو، بيروزگاري جو مسئلو جنهن جي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ رڳو ٽن نوجوانن ميرپور ماٿيلي ۽ ڏهرڪي ۾ خودڪشي ڪئي ان کان علاوه تعليم جو نه هجڻ ۽ مسلسل قبائلي جهيڙن اسان جا نسل تباهه ٿي ويا آهن.