چين ۾ طوفاني برسات، 21 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا

0
700

بيجنگ (ڊيسڪ رپورٽ) چين ۾ طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ 21 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي صوبي گنسو ۾ 100 ڪلو ميٽر مائونٽين ميراٿن جي دوران طوفاني برسات ۽ ڳڙا پوڻ سبب 21 ماڻهو مارجي ويا، رپورٽ موجب ميراٿن ۾ 172 ماڻهو شريڪ هئا، جن مان ڪجهه ماڻهو لاپتا به آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ميراٿن ۾ شريڪ ماڻهو جڏهن وڏي چاڙهي تي 21 کان 30 ڪلو ميٽر جي وچ تي پهتا ته انهن کي شديد برسات ۽ برفباري گهيري ورتو ۽ موسم جي شدت جي ڪري 21 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا..