حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل معرفت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل درخواست تي نظرثاني جي درخواست ڏيڻ بعد ٻڌڻي جي تاريخ 11 مئي مقرر ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته عدالت وڪيل پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ معطل نه ٿيڻ تي اپيل کانپوءِ گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل الهبچايو سومرو درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل درخواست تي عدالت ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪئي هئي. اها تاريخ ويجهو رکي وڃي ته جيئن معاملو جلد اڪلائي سگهجي. عدالت اي اي جي جي اهڙي درخواست تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ميرٽ جي لتاڙ ۽ اميدوارن جي رول نمبر سان گڏ مارڪون نه لکڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي هاڻي 27 مئي بدران 11 مئي تي رکي ڇڏي آهي. گڏوگڏ عدالت ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين نور محمد جادماڻي جي وڪيل عشرت علي لوهر پاران به درخواست داخل ڪرائي وئي جنهن ۾ سندس موقف هو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي چيئرمين جا گرفتاري وارا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي ان لاءِ عدالت کي استدعا آهي ته چيئرمين جا وارنٽ معطل ڪيا وڃن. عدالت وڪيل جي درخواست تي چيئرمين جا وارنٽ معطل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.